Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

اللہ  ڪريم اسان جي دلين مان دنيا جي مَحَبَّت دُور ڪري ۽ پنهنجي ۽پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مَحَبَّت عطا فرمائي۔

اٰمِــيْن بِـجَـاهِ الـنَّـبِـیِّ الْاَمِــيْن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  اسان ٻڌو ته

٭دنيا جي مَحَبَّت اوچتي موت جو سبب بڻجندي آهي۔

٭دنيا جي مَحَبَّت گناهن ۾ مبتلا ڪندي آهي۔

٭دنيا شيطان مردُود جي ڌيءَ آهي۔

٭دنيا جي مَحَبَّت موت، قبر ۽ آخرت جي تياري کان غافل ڪندي آهي۔

٭دنيا جي مَحَبَّت عمده لباس، سٺي غذا ۽ عاليشان گھر جي خواهش جو سبب بڻجندي آهي۔

٭دنيا جي مَحَبَّت سان مال ۽ دولت حاصل ڪرڻ جو حرص پيدا ٿي ويندو آهي۔

٭دنيا جي مَحَبَّت دل ۾ سانڍڻ ڄڻ شيطاني ڄار ۾ ڦاسجڻ آهي۔

٭ دنيا کان مَحَبَّت ڪرڻ واري کي آخرت ۾ گھيلي جهنم (Hell) ۾ وڌو ويندو۔

٭دنيا جي مَحَبَّت سان اللّٰه وارا هميشه پري ڀڄندا هئا۔

کر لے توبہ ربّ کی رحمت ہے بڑی       قبر میں ورنہ سزا ہو گی کڑی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت