Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

دنيا واريءَ  جيان آهي!

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته بيان ڪيل احاديثِ مُبارڪه ۾ دنيا کان مَحَبَّت ڪرڻ وارن جي ڪهڙي مذمت(Condemnation) بيان ڪئي وئي آهي، لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان صرف دنيا جي لاءِ ئي نه تڙپندا رهون، آخرت جي لاءِ به نيڪين جو ذَخيرو گڏ ڪريون ڇوته دنيا جي مثال واريءَ جهڙي آهي، واريءَ جي جيتري به وڏي مُٺ ڀري وڃي آهسته آهسته ذَرَّن جي صورت ۾ تمام واري مُٺ مان نڪري ئي ويندي آهي ۽ آخر ۾ مُٺ خالي رهجي ويندي آهي۔ اهڙو ئي ڪجھ حال هن ڌوڪي باز دُنيا جو آهي۔

مال ڪمائڻ ۽ پوءِ بيمارين ۾ صرف ڪرڻ

انسان سڄي زندگي دنيا کان وفاداري ڪري ٿو، دنيا ڪمائڻ جي چاهت ۾ ڏينهن رات هڪ ڪندو آهي، پارٽ ٽائم جاب ڪندو آهي، 20،20 ڪلاڪ ڪم ڪندو آهي، فقط ان ڪري جو پيسو ڪمائڻو آهي، مطلب ته ڏينهن گذري ٿو ته انهيءَ سوچ ۾ ته پيسو ڪمائڻو آهي، رات گُذري ٿي ته انهيءَ تڙپ ۾ جو پيسو ڪمائڻو آهي، دل ڌڙڪي ٿي ته انهيءَ ڌُن ۾ ته پيسو ڪمائڻو آهي ۽ قدم کڻي ٿو ته انهيءَ جُستجو ۾ ته پيسو ڪمائڻو آهي۔ پر هاءِ! اهو پيسو جنهن جي لاءِ پنهنجي صحت جي پروا نه ڪئي هئي، اهو دُنيا جنهن جي خاطر ڏينهن رات هڪ ڪيا هئا، اهو مال جنهن کي ماڻڻ جي جدوجهد ۾ اوور ٽائم (Overtime) لڳايا هئا، اها دولت جنهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ حرام حلال جي پروا نه ڪئي هئي، اهو پيسو جنهن کي ماڻڻ جي لاءِ پنهنجي زندگي جا قيمتي مهينا ۽ سال ضائع ڪري ڇڏيا هئا اهو ئي پيسو ڪجھ عرصي کان بعد بيمارين جي نذر ٿي ويندو آهي۔ جي ها! انسان پُوڙهائپ جي اڱڻ تي قدم