Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

هڪ ٻئي تي زيادتي چاهڻ جو نالو آهي ۽ جڏهن دنيا جو هي حال آهي ۽ ان ۾

 اهڙيون بُرائيون موجود آهن ته ان ۾ دل لڳائڻ ۽ ان جي حصول جي ڪوشش ڪندي رهڻ بدران انهن ڪمن ۾ مشغول هئڻ گھرجي، جن سان اُخروي زندگي سَنورجي سگھي ٿي۔ (صراط الجنان، 9/740)

اچو! هاڻي دنيا جي حقيقت جي باري ۾ بُزرگانِ دِينرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهمْ اَجْمَعِين جا ڪجھ اِرشاد ٻڌو، جيئن ته

شيطان جي ڌيءَ

حضرت سيدنا علي خَـوَّاص رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا؛ دنيا اِبليس لَعِين (يعني لعنتي شيطان) جي ڌيءَ آهي ۽ دنيا کان محبت ڪرڻ وارو هر شخص ان جي ڌيءَ جو مڙس آهي، ابليس پنهنجي ڌيءَ جي ڪري ان دنيادار شخص وٽ ايندو ويندو آهي، تنهنڪري منهنجا ڀاءُ! جيڪڏهن اوهان شيطان کان محفوظ رهڻ چاهيو ٿا ته ان جي ڌيءَ (يعني دنيا) سان رشتو قائم نه ڪريو. (اَلْحَدِيقَۃُ النَّدِيۃ، ۱ /۱۹ ملخصا)

نيري اکين واري بدصورت پوڙهي

حضرت سيدنا فُضَيل بن عِياض رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا، حضرت سيدنا عبداللہ  بن عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُما جن فرمايو؛ قيامت جي ڏينهن نيري اکين واري نهايت بدصورت پوڙهي جنهن جا ڏند اڳيان نڪتل هوندا ماڻهن جي سامهون ظاهر ٿيندي ۽ انهن کان پڇا ڪئي ويندي؛ هن کي سڃاڻو ٿا؟ ماڻهو چوندا؛ اسان ان جي سڃاڻپ کان اللہ  عَزَّوَجَلَّ جي پناهه چاهيون ٿا، چيو ويندو؛ هي اها ئي دنيا آهي جنهن تي اوهان فخر ڪندا هئا، هن دنيا جي ڪري قطعِ رِحمي ڪندا يعني رشتيداريون ٽوڙيندا هئا، انهيءَ جي ڪري هڪٻئي سان حسد ۽ دشمني ڪندا هئا، پوءِ ان (پوڙهي جھڙي دنيا) کي جهنم ۾ وڌو ويندو ته رڙيون ڪندي؛ اي منهنجا پروردگار عَزَّوَجَلَّ! منهنجي پيروي ڪرڻ وارا ۽ منهنجي جماعت ڪٿي آهي؟ اللہ  عَزَّوَجَلَّ فرمائيندو؛