Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?
ته انهن کي به ساڄي هٿ ۾ کڻي کائو. ٭ ساڄو هٿ ٻوڙ وغيره ۾ پئجي وڃڻ جي صورت ۾ کاٻي هٿ کان پاڻي پيئڻ جي بجاءِ ساڄو هٿ استعمال ڪريو. ٭ گرم چانهه کي ساسر ۾ ٿڌي ڪرڻ جي لاءِ ڪوپ کاٻي هٿ ۽ ساسر کي ساڄي هٿ ۾ کڻي چانهه پيئو. ٭ ڪنهن کي پاڻي پيئارڻ وقت کاٻي هٿ سان جڳ پڪڙي ساڄي هٿ ۾ گلاس رکي ته جيئڻ پاڻي پيش ڪرڻ وقت ساڄو هٿ استعمال ٿئي. ٭ مولانا محمد سردار احمد قادري چشتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ ساڄي هٿ کي استعمال ڪريو اها عادت اهڙي مضبوظ ٿي وڃي جو سڀاڻي قيامت ۾ جڏهن نامه اعمال پيش ٿئي ته انهيء عادت جي مطابق ساڄو هٿ اڳتي وڌي وڃي تڏهن ته ڪم بڻجي وڃي. (حيات محدث اعظم، ص. 374)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ