Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?
ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.
(2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.
٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
حضرت سَيدُنا وهب بن منبه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: حضرت سَيدُنا عيسيٰعَلَيهِ السَّلَام جو گذر هڪ اهڙي ڳوٺ وٽان ٿيو، جتي جا انسان ۽ جنّ، چرند پرند، تمام چوپايا ۽ ڪيڙا مڪوڙا مري چڪا هئا، پاڻ عَلَيهِ السَّلَام ڪجھ دير بيهي انهن ڏانهن نهاريندا رهيا، پوءِ پنهنجي حوارين ڏانهن مُتوجه ٿي ارشاد فرمايائون: اهي سڀئي اللہ پاڪ جي عذاب سان هلاڪ ٿيا آهن، جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته