Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

السَّلَام حوارين کي ارشاد فرمايائون: مان سچ چوان ٿو، جو جي ماني کائڻ، صاف سٿرو پاڻي پيئڻ ۽ ڪچري جي ڍير تي ڪتّن سان گڏ سمهڻ دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي جي لاءِ يقيناً ڪافي آهي۔ (حليۃ الاولياء ،وھب بن منبه،۴ / ۶۴،رقم: ۴۷۶۲)

موت آکر ہی رہے گی یاد رکھ!      جان جا کر ہی رہے گی یاد رکھ!

گر جہاں میں سو برس تُو جی بھی لے     قبر میں تنہا قیامت تک رہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل ڏڪائيندڙ حڪايت ۾ دنيا سان مَحَبَّت ڪرڻ وارن جي لاءِ نصيحت ۽ عبرت جا ڪيئي مدني گل مَوجُود آهن۔ جنهن کي ڏسو هو دنيا جي پويان اکيون بند ڪندي ڀڄي رهيو آهي، ڪثير دولت، ڪيئي جائيدادون، زمينون، فيڪٽريون، هوٽل، پيٽرول پمپس، شاپنگ مالز، مارڪيٽون، پلازا، بنگلا ۽ عاليشان گاڏيون هئڻ جي باوجود به انسان جو حرص (Greed) ختم ٿيڻ جو نالو نٿو وٺي، اسان غور ڪريون ته ڪٿي اسان دنيا سان مَحَبَّت ڪرڻ وارن جي عبرت ناڪ انجام کان غافل ته نه ٿي ويوسين؟ ڇا اسان کي هميشه هن دُنيا ۾ رهڻو آهي؟ ڇا اسان کي مغفرت جو پروانو ملي چڪو آهي؟ ڇا اسان اڳوڻين اُمَّتن تي ايندڙ عذابن کي وساري ڇڏيو آهي؟ ڇا اسان کي روزانو ٿيندڙ جنازن مان عبرت حاصل نٿي ٿئي، ڇا اسان بيماري واري بستر تي سِسڪندڙ مريضن کان سبق حاصل نه ٿيون ڪيون؟ ڇا اسان نزع جون سختيون برداشت ڪري سگھنديون سين؟ڇا اسان تنگ ۽ ڪاري قبر کي وساري ويٺيون سين؟ ڇا اسان قبر جي نانگن وڇوئن ۽ ڪيڙن مڪوڙن کان نجات جو سامان ڪري ورتو؟ ڇا اسان مُنڪرنڪير جي سوالن جا جواب ڏيڻ جي تياري ڪري چڪيون آهيون؟ ڇا قيامت جي ڏينهن جي حساب ڪتاب جي تياري اسان ڪري چڪا آهيون؟ بهرحال عافيت انهيءَ ۾ آهي ته اسان کي جيترو دنيا