Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?
جي محبت ۽ شفقت جي برڪت سان دعوت اسلامي جي محبت ۽ عقيدت ان جي دل ۾ گهر ڪري وئي. پوءِ ان گناهن کان سچي توبهه ڪئي ۽ سنتن ڀري زندگي گزارڻ جي لاءِ دعوت اسلامي جي مشڪبار مدني ماحول سان وابسته ٿي
وئي. هاڻي اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدرسة المدينه (للبنات) ۾ پڙهائڻ سان گڏوگڏ ذيلي مشاورت جي ذميداره جي حيثيت سان دعوت اسلامي جي مدني ڪمن ۾ مصروفِ عمل آهن. (انوکي ڪمائي ص 24)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! افسوس! اسان فڪرِ آخرت ڪرڻ بدران دنيا جي رنگينين ۾ مگن آهيون، عُمده عُمده گھرن جي تعميرات ۾ مصروف (Busy) آهيون، اسان پنهنجا گھر نهايت عاليشان طريقي سان سينگاريون ٿيون۔ پنهنجي زندگي پيسن جي ڏيتي ليتي، عمده ۽ اعليٰ گاڏين جي چمڪ ڌَمڪ، خُوبصورت ۽ عاليشان محلّن جي آسپاس گذارڻ چاهيون ٿيون، ٿورو سوچيو ته سهي اهي شيون ڪيستائين اسان جي ڪم اينديون؟ ڇا اهي سڀ قبر ۾ گڏ کڻي وينديون سين؟ ڇا آخرت ۾ انهن شين جي بدلي نيڪيون ملي وينديون؟ بلڪل نه! اهي بينڪ بيلنس، ڌن دولت ۽ مال ۽ جائيداد سڀ هن دنيا ۾ رهجي ويندا ، قبر ۾ ڪجھ به نه ڪم ايندو، اتي جيڪڏهن ڪم ايندا ته صرف نيڪ عمل ڪم ايندا، منڪر نڪير جي سوالن ۾ ڪاميابي ڏياريندا ته نيڪ عمل ڏياريندا، قبر جي وحشت ۾ غمخواري جو سامان به نيڪ عمل ئي ڪندا، قبر جي تنگي به نيڪ عملن جي ڪري فراخي ۾ تبديل ٿيندي، قبر جي اندهيري ۾ نيڪ عمل ئي جڳمڳائندا، عذابِ قبر کان رُڪاوٽ بڻجندا ته نيڪ عمل ئي بڻندا ۽ صرف قبر ڇا قبر کان بعد ميدانِ محشر جي گرمي ۽ ان جي