Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

فرمايو: توهان مسور ضرور کائيندا ڪيو ڇوته اها برڪت واري شيء آهي۔ جيڪا

 دل کي نرم ڪندي ۽ لڙڪن کي وڌائيندي آهي۔ هن ۾ 70 انبياءِ ڪرام عَلَيهِ السَّلَام جون برڪتون شامل آهن، جن ۾ حضرت عيسيٰ عَلَيهِ السَّلَام به شامل آهن۔ (فردوس الاخبار، ۲/۶۷، حديث:۳۸۷۶)

امام ثعلبيرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته حضرت سَيدُنا عُمر بن عبدُالعَزيز
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ ڏينهن زيتون، هڪ ڏينهن گوشت ۽ هڪ ڏينهن مسور جي دال سان ماني کائيندا هئا، هڪ بُزرگ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مسور ۽ زيتون نيڪن جي غذا آهي، مسور بدن (Body) کي سنهو ڪري ٿي ۽ سنهو بدن عبادت ۾ مددگار ٿيندو آهي، مسور سان اهڙي شهوت ناهي ڀڙڪندي جهڙي گوشت کائڻ سان ڀڙڪندي آهي۔ (تفسير قرطبي ،۱/۳۴۶، ملتقطا)

میں کم کھانا کھانے کی عادت بناؤں       خدایا کرم! استقامت بھی پاؤں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

دنيا ۽ آخرت

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اها هڪ سچي حقيقت آهي ته هميشه باقي رهڻ واري آٓخرت جي مُقابلي ۾ دنيا تمام جلد ختم ٿيڻ واري آهي، دُنيا جو طلبگار بظاهر هن دنيا جي حُصُول تي گھڻو خوش ٿيندو آهي، هن سان وڏيون وڏيون اُميدون وابسته ڪري وٺندو آهي، هن جي رنگينين ۾ گم ٿي ويندو آهي پر جڏهن هوش ايندو آهي ته افسوس ڪندي رهجي ويندو آهي۔ دُنيا ۾ رهي جيڪو آخرت جي بهتري جي ڪوششون ڪري ٿو ان جي دنيا به موچاري ٿيندي آهي ۽ آخرت به سنورجي ويندي آهي جڏهن ته دُنيا ۾ رهي صرف دُنيا ڪمائڻ وارو آخرت جي فَائدن ۽ ثمرات کان محروم ٿي ويندو آهي۔ دنيا جي رنگينين ۾ گم ٿيڻ وارو شيطان کي پيارو لڳندو آهي جڏهن ته آخرت جي