Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?
نصيحت ۽ عبرت جا مدني گل جمع ڪريو
(1) فرمايائون: جيڪو شخص هميشه دنيا جي فڪر ۾ مبتلا رهندو (۽ دِين جي پروا نه ڪندو) ته اللہ پاڪ ان جا سمورا ڪم پريشان ڪندو ۽ ان جي مُفلسي هميشه ان جي اڳيان رهندي ۽ ان کي دُنيا ايتري ئي ملندي جيتري ان جي تقدير ۾ لکيل آهي ۽ جنهن جي نِيت آخرت ڏانهن هوندي ته اللہ ڪريم ان جي دل جمعي جي لاءِ ان جا سمورا ڪم دُرُست ڪندو ۽ ان جي دل ۾ دنيا جي بي پروائي وجھندو ۽ دنيا ان وٽ خودبخود ايندي۔ (ابن ماجه، ڪتاب الزهد، باب الهم بالدنيا، ۴/۴۲۴، الحديث: ۴۱۰۵)
(2) فرمايائون: دنيا ان جو گھر آهي جنهن جو (آخرت ۾) ڪو گھر نه آهي ۽ دُنيا ان جو مال آهي جنهن جو ٻيو ڪو مال نه آهي ۽ دنيا جي لاءِ اهو ماڻهو گڏ ڪري ٿو، جنهن وٽ عقل نه آهي۔ (شعب الايمان، الحادي والسبعون من شعب الايمان ۔۔۔ الخ، فصل فيما بلغنا عن الصحابۃ۔۔۔ الخ، ۷/۳۷۵، الحديث: ۱۰۶۳۸)
(3) فرمايائون: جنهن پنهنجي دنيا کان مَحَبَّت ڪئي، ان پنهنجي آخرت کي نُقصان پهچايو ۽ جنهن پنهنجي آخرت سان مَحَبَّت ڪئي ان پنهنجي دُنيا کي نُقصان پهچايو، پوءِ توهان فَنا ٿيڻ واري (دنيا) تي باقي رهڻ واري (آخرت) کي ترجيح ڏيو۔ (مسند امام احمد، مسند الڪوفيين، حديث ابي موسي الاشعري، ۷/۱۶۵، الحديث: ۱۹۷۱۷)
بيان ڪيل حديثِ پاڪ جي تحت حڪيمُ الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هن ف
رمان مبارڪ مان معلوم ٿيو ته دُنيا ۽ آخرت ٻنهي جي مَحَبَّت هڪ دل ۾ گڏ نٿي ٿي سگھي، دنيا آخرت جو ضِد آهي۔ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: علم عقل ۽ ايمان جو سڀ کان گھٽ درجو هي آهي ته انسان سمجھي وٺي ته دنيا فاني آهي ۽ آخرت باقي رهڻ واري، ان جو نتيجو هي آهي ته دُنيا ۾ رهي آخرت جي تياري ڪري، دنيا ۾ مشغول نه ٿي وڃي۔
(مرآۃ المناجيح،۷/۱۸)