Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

(پردي واري جاءِ ۾) ترڪيب ڪري سگهجي ٿي، درست قرآنِ پاڪ پڙهڻ سيکارڻ سان گڏو گڏ غسل، وضو، نماز“ سنتون، دعائون وڌيڪ عورتن جا شرعي مسائل وغيره زباني نه بلڪ مڪتبة المدينه کان شايع ٿيل ڪتاب ”اسلامي

 ڀينرن جي نماز“ مان ڏسي ڏسي سيکاريو، مدرسة المدينه (بالغات) ”مدني گلن “جي مطابق لڳايو.اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدرسة المدينه بالغات ۾ حاضري جي برڪت سان چڱي صحبت ملندي آهي. مدرسة المدينه بالغات جي برڪت سان قرآنِ ڪريم پڙهڻ ٻڌڻ جي سعادت ملندي آهي. مدرسة المدينه بالغات جي برڪت سان مدني انعامات تي عمل جو جذبو ملندو آهي. مدرسة المدينه (بالغات) علم دين سکڻ سيکارڻ جو به نهايت مؤثر ذريعو آهي ۽ دين جون ڳالهيون ڏسڻ جي فضيلت جي باري ۾ منقول آهي ته اللہ  عَزَّوَجَلَّ حضرت سيّدنا موسٰي ڪليم اللہ عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي طرف وحي موڪلي. ڀلائي جون ڳالهيون پاڻ به سکو ۽ ٻين کي به سيکاريو، مان ڀلائي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن جي قبرن کي روشن فرمائيندس ته جيئن انهن کي ڪنهن به قسم جي وحشت نه ٿئي. (حلية الاولياء،6/5. حديث7622)

گناهن جي نحوست کان نجات

      باب المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀيڻ دعوت اسلام جي مهڪندڙ مدني ماحول سان وابسته  ٿيڻ کان پهريان فلمون ڊراما ڏسڻ گانا باجا ٻڌڻ جي شوقين هئي. وڌيڪ هي ته فيشن ڪرڻ ۽ بي پردگي جي نحوست ۾ به گرفتار هئي. ان جي اصلاح جو سبب اهو ٿيو جو هڪ ڀيري دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀيڻ ان تي انفرادي ڪوشش ڪندي، دعوت اسلامي جي تحت قائم ڪيل مدرسة المدينه (بالغات) ۾ پڙهڻ جي ترغيب ڏياري ته پڙهڻ جي لاءِ ان جو ذهن بڻجي ويو ۽ ان انفرادي ڪوشش جي برڪت سان ڪجهه ئي ڏينهن ۾ مدرسة المدينه (بالغات) ۾ پڙهڻ جي ترڪيب بڻجي وئي جيئن جيئن وقت گزرندو ويو ان جي مَخرَجن ۾ بهتري ايندي وئي وڌيڪ اسلامي ڀينرن