Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?
ڪهڙي دُنيا سٺي، ڪهڙي دنيا قابلِ مَذَمَّت؟
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!ياد رهي! دنياوي شين جا ٽي قسم آهن؛ ]1[ اهي دنياوي شيون جيڪي آخرت جو ساٿ ڏينديون آهن ۽ ان جو نفعو موت کان پوءِ به ملندو آهي، اهڙيون شيون صرف ٻه آهن؛ عِلم ۽ عمل، عمل مان مراد اخلاص سان اللہ تعاليٰ جي عبادت ڪرڻ ۽ دنيا جو هي قِسم محمود (يعني تمام سٺو) آهي ]2[ اهي شيون جنهن جو فائدو صرف دنيا تائين محدود رهندو آهي آخرت ۾ ان جو ڪو ثمر ناهي ملندو جيئن گناهن جي لذت حاصل ڪرڻ، جائز شين مان ضرورت کان وڌيڪ فائدا حاصل ڪرڻ، مثلاً زمين جائيداد، سون چاندي، عمده ڪپڙا ۽ سٺا سٺا کاڌا، ۽ هي دنيا جي مَذموم (يعني مذمت لائق) قِسم ۾ شامل آهن ]3[ اهي شيون جيڪي نيڪين تي مددگار هجن جيئن ضروري غذا، ڪپڙا وغيره. هي قسم به محمود (يعني سٺو) آهي پر جيڪڏهن صرف دنيا جو فوري فائدو ۽ لذت مقصد هجي ته هاڻي هي دنيا مذموم (يعني قابل مذمت) چئي ويندي. ( اِحياءُ الْعُلوم، ڪتاب ذم الدنيا ، ۳/۲۷۰،۲۷۱ملخصاً)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! دنيا هڪ مسافر خاني وانگر آهي جنهن ۾ مسافر اچي ترسن ٿا ۽ ڪجھ ڏينهن رهڻ کان پوءِ اتان کان هليا ويندا آهن، مسافر خاني ۾ اچي ڪجھ ڏينهن رهڻ وارو ڪڏهن به اتي رهندي وڏيون وڏيون اُميدون ناهي ڪندو ۽ ان جي رونقن سان دل ناهي لڳائيندو۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان هن عارضي گھر يعني دنيا جا ٿي ڪري نه رهجي وڃون ڇوته اسان کي هڪ ڏينهن هتان کان موڪلائي وڃڻو آهي، اسان جي منزل هي ناهي بلڪه جنت آهي۔ اچو! پنهنجي دل ۾ دنيا کان بي رغبتي وڌائڻ ۽ فڪرِ آخرت اُجاگر ڪرڻ جي لاءِ 3 فرمانِ مصطفيٰصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو ۽