Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

تياري ڪرڻ وارو اللہ  ڪريم جو محبوب بڻجندو آهي۔ دنيا جو رستو بظاهر

 نَفساني خواهشات ۽ ڊگھي اُميدن جي ڪري آسان نظر ايندو آهي پر ان جو اَنجام نهايت بُرو آهي، آخرت جي راھ بظاهر مشڪل ۽ دُشوار نظر ايندي آهي پر ان جي منزل جنَّت جو خوبصورت ۽ هميشه رهڻ وارو مقام آهي۔ جيئن ته دنيا آخرت جي مقابلي ۾ اسان جي تمام ويجھو آهي، تنهنڪري هن ڏانهن دل گهڻو جلد مائل ٿي ويندي آهي جڏهن ته آخرت دُنيا کان پوءِ آهي، ان جي ڪري هن کان غفلت ڪئي ويندي آهي۔

ياد رکو! دنيا کي دنيا چوڻ جو سبب به اهو ئي آهي ته دنيا آخرت جي مُقابلي ۾ اسان کان وڌيڪ ويجھو آهي، جيئن ته

دنيا کي دنيا ڇو چيو ويندو آهي؟

شيخِ طريقت، اميرِ اهلسُنَّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابُو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي تصنيف ”نيڪي جي دعوت“جي صفحه نمبر260 تي نقل فرمائن ٿا: دنيا جي لُغوي معنيٰ آهي؛ ويجھو، ۽ دنيا کي دنيا انهيءَ ڪري چون ٿا ته هي آخرت جي نسبت انسان جي گھڻو ويجھو آهي يا انهيءَ ڪري جو هي پنهنجي خواهشات ۽ لذت جي سبب دل جي گھڻو ويجھو آهي۔ (حديقه نديۃ،۱ /۱۷)

دُنيا ڇا آهي؟

حضرتِ سيدُنا علّامه بدرُ الدّين عَيني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: آخِرت جي گھر کان پهريان تمام مخلوق دنيا آهي۔ (عمدة القاري ج 1 ص 52) پوءِ انهي اعتبار سان سون چاندي ۽ ان سان خريد ڪيون ويندڙ تمام ضروري ۽ غير ضروري شيون دنيا ۾ داخل آهن۔ (اَلْحَدِيقَۃُ النَّدِيۃ، ۱ /۱۷)