Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

رکندو آهي ته مختلف بيماريون استقبال ڪرڻ جي لاءِ تيار هونديون آهن، هاڻي نه هو دنيا جو رهندو آهي ۽ نه آخرت جي لاءِ ڪجھ ڪري سگھندو آهي۔

موت کي نه وساريو

دنيا جي فتني بازين کان خبردار ڪندي حُجَّۃ ُ الْاِسْلام امام محمد غزالي
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ بُزرگ جي حوالي سان لکن ٿا: اي انسانو! هن فُرصَت جي وقت ۾ نيڪ عمل ڪري وٺو ۽ اللہ  پاڪ کان ڊڄندا رهو۔ اُميدن تي آڪڙجو نه ۽ پنهنجي موت کي نه وساريو۔ دنيا ڏانهن مائل نه ٿيو، بيشڪ اها ڌوڪي باز آهي ۽ ڌوڪي سان ٺهي ٺڪي توهان جي اڳيان ايندي آهي ۽ پنهنجي خواهشن جي ذريعي توهان کي فتني ۾ وجھندي آهي، دنيا پنهنجي پيروي ڪرڻ وارن جي لاءِ هن طرح سجندي سنورجندي آهي، جيئن ڪنوار سنورجندي آهي۔ دنيا پنهنجن ڪيترن ئي عاشقن کي هلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ جن هن کان اطمينان حاصل ڪرڻ چاهيو، انهن کي ذليل ۽ رُسوا ڪري ڇڏيو، تنهنڪري هن کي حقيقت جي نگاھ سان ڏسو ڇوته اها مصيبتن سان ڀرپور مقام آهي، هن جي خالِق هن جي مَذَمَّت ڪئي، هن جو نئون پُراڻو ٿي ويندو آهي ۽ ان کي چاهڻ وارو به مري ويندو آهي۔ اللہ  پاڪ توهان تي رحم فرمائي، غفلت مان بيدار ٿيو ۽ هن کان پهريان جو ننڊ مان اکيون کولي وٺو ته هي اعلان ڪيو وڃي: فُلاڻو شخص بيمار آهي ۽ ان جي بيماري شدت اختيار ڪري ورتي آهي، ڇا ڪا دوا آهي؟ يا ڪنهن ڊاڪٽر تائين وڃڻ جي ڪا صورت آهي؟ هاڻي توهان لاءِ حڪيمن (۽ ڊاڪٽرن) کي سڏيو ويندو آهي، پر شفا جي اُميد ختم ٿي ويندي آهي، پوءِ چيو ويندو آهي: فُلاڻي وَصِيّت (Will) ڪئي ۽ پنهنجي مال جو حساب ڪيو آهي۔ پوءِ چيو ويندو آهي: هاڻي ان جي زبان ڀاري ٿي وئي، هاڻي هو پنهنجن ڀائرن سان ڳالھ ٻولھ نه پيو ڪري ۽ پاڙيسرين کي نٿو