Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?
هميشه آخرت کي ئي ترجيح ڏيندا آهن۔ اچو! ترغيب طور هڪ ايمان افروز حڪايت ٻڌو، جيئن ته
اميرُالمومنين حضرت سَيدُناعمربن عبدُالعزيزرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهجڏهن خليفو بڻيو ته زُهد ۽ قَناعت (يعني دنيا کان بي رغبتي کي) اِختيار ڪري ورتو، عَيش ۽ عِشرت کي ڇڏي ڏنو، لذيذ کاڌا ڇڏي ڏنا ۽ تمام سادي غِذا استعمال ڪرڻ لڳا جيئن ته
نُعَيم بن سلامت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته ۾ اميرالمومنين عُمر بن عبدُ العَزِيز وٽ ويس ته ڏٺو ته پاڻ زيتون جي تيل سان ماني کائي رهيا هئا۔ (سيرتِ ابن جوزي، ص ۱۸۰) يونس بن شيب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو بيان آهي ته مون اميرالمومنين حضرت سَيدُنا عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي خلافت کان پوءِ هن حال ۾ ڏٺو ته جيڪڏهن مان چاهيان ها ته بغير هٿ لڳائڻ جي سندن پاسراٽيون ڳڻي سگھان ها۔ (سيرتِ ابن جوزي، ص۱۸۱) اوهان جا غلام فرمائن ٿا ته هڪ ڏينهن مان پنهنجي آقا اميرُالمومنين وٽ آيس ته پاڻ مسور جي دال کائي رهيا هئا، مون چيو: کُلَّ يومٍ عَدَسٌ! يعني روز روز دال! اوهان جي گھرواريءَ فرمايائون: هذَاطَعَامُ مَولَاک اَمِيرِ الْمُؤْمِنِين! يعني توهان جي آقا اميرالمؤمنين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي اها ئي غذا آهي۔ (سيرت ابن جوزي،ص۱۸۱ ملخصا)
سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! قربان وڃجي! اميرالمومنين حضرت سَيدُناعُمر بن عبدُ العَزِيز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي دنيا کان بي رغبتي تي! جيڪي ايتري وڏي سَلطَنت جا خليفو هئڻ باوجود به سادي غذا استعمال ڪندا هئا، تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته اسان به اللہ وارن جي نقشِ قدم تي هلندي سادگي اپنايون ۽ دال سبزي به خوشي خوشي کائيندا ڪيون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! مسور جي دال جي ته ڇا شان آهي جو حديثِ پاڪ ۾ ان کي برڪت واري شيء قرار ڏنو ويو آهي جيئن رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن