Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?
۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
ساڄو هٿ استعمال ڪرڻ جا مدني گل
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو ساڄي هٿ سان ڏيڻ وٺڻ جي باري ۾ ڪجهه مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿيون. پهريان هڪ (1) فرمانِ مصطفٰيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه ڪريو: فرمايائون توهان منجهان هر هڪ ساڄي هٿ سان کائي ۽ ساڄي هٿ سان پيئي ۽ ساڄي هٿ کان وٺي ۽ ساڄي هٿ کان ڏئي ڇو ته شيطان کاٻي هٿ سان کائيندو ۽ کاٻي هٿ سان پيئندو ۽ کاٻي هٿ سان وٺندو ۽ کاٻي هٿ کان ڏيندو آهي. (ابن ماجه، ج. 4، ص. 12، حديث 3266)
حضرت سيدنا عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا فرمائن ٿيون رسول اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي سڀني ڪمن ۾ ساڄي طرف کان ابتدا ڪرڻ کي پسند فرمائيندا هئا.
(بخاري، ج. 1، ص. 81، حديث 168)
٭ ساڄي هٿ سان کائڻ پيئڻ
سنت آهي. (آدابِ طعام، ص. 130) ٭ نيڪيون لکڻ وارو
فرشتو ساڄي طرف رهندو آهي ان ڪري اهو طرف افضل
آهي. (مراٰة المناجيح، ج. 1، ص. 287) ٭ حضرت سيدنا ابن عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهما کان روايت آهي ته کاٻي هٿ سان
کائڻ نسيان پيدا ڪندو آهي. (حافظو ڪيئن مضبوط ٿئي،
ص. 180)
٭ ساڄي هٿ سان کائڻ خاص
طور تي چاور وغيره کائڻ وقت ڪجهه داڻا کاٻي هٿ ۾ ڪري پون