Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مجلس تاجرات!

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اها حقيقت آهي جيڪو اسان دنيا ۾ گڏ ڪيو آهي اهو هتي رهجي ويندو تنهنڪري پنهنجي دل مان دنيا جي محبت ڪڍڻ ۽ رزقِ حلال ۾ برڪت جي لاءِ جيتري استطاعت هجي صدقي ۽ خيرات جي عادت به بڻايو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن جي برڪت سان مال جي محبت دل مان نڪري ويندي۔ ان جي علاوه وڌ کان وڌ ڪمائڻ جي لالچ ۾ حلال وحرام جو فرق وساري حرام طريقي سان ڪمايل مال دنيا ۽ آخرت ۾ وبال جو سبب به بڻجي سگھي ٿو، اسلام پنهنجي مڃڻ وارن کي واپار جا بلڪل واضِح اُصُول عطا ڪيا آهن، پر بدقسمتي سان علم کان دُوري ۽ دُنيا جي رنگينن اڄ جي مسلمان کي انهن سنهري اُصُولن تي عمل کان پري ڪري ڇڏيو آهي۔ ضرورت هن ڳالھ جي هئي ته ڪو انهن واپارين ۾ اسلام جو حقيقي رُوح پيدا ڪري۔ انهيءَ ڪري تبليغِ قرآن ۽ سُنَّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت هڪ شُعبو بنام ”مجلس تاجرات“ جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، جنهن جو ڪم واپار واري شعبي سان وابسته اسلامي ڀينرن کي واپار جي باري ۾ اسلامي تعليمات سان رُوشناس ڪرائڻ، انهن ۾ دعوتِ اسلامي جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ انهن کي دعوتِ اسلامي سان وابسته ڪندي هن مدَني مَقصد ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ جي مُطابق زندگي گُذارڻ جو مدني ذِهن ڏيڻو آهي۔

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تری دُھوم مَچی ہو