Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

اُڃ کان، پُلِ صراط تي ڪاميابي سان گذرڻ، حساب ڪتاب ۽ جهنم جي عذاب کان به اسان کي نيڪ عمل ئي نجات ڏياريندا، ان ڪري نيڪ عملن جي فڪر ڪريو۔

ٽن قسم جا دوست

رسولِ خدا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ميت سان گڏ ٽي شيون وينديون آهن :(۱) ان جا گھر وارا (۲) ان جو مال ۽ (۳) ان جو عمل۔ پوءِ ٻه شيون واپس موٽي اينديون آهن جڏهن ته هڪ ان سان گڏ باقي رهندي آهي۔ گھر وارا ۽ مال موٽي ايندا آهن جڏهن ته ان جو عمل ان سان گڏ ويندو آهي۔ (بخاري، ڪتاب الرقاق، باب سڪرات الموت، ۴/۲۵۰، حديث:۶۵۱۴) جڏهن ته حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي: جڏهن ڪو شخص مري ويندو آهي ته ملائڪ چوندا آهن: مَاقَدَّمَ يعني هن اڳتي ڇا موڪليو آهي؟ ۽ ماڻهو پڇندا آهن: مَاخَلَّفَ يعني هن پويان ڇا ڇڏيو آهي؟
 (شعب الايمان،باب في الزهد و قصرالامل ،حديث: ۱۰۴۷۵، ۷/۳۲۸) يعني مرڻ وقت وارث ته پويان ڇڏيل مال جي فڪر ۾ هوندا آهن ته ڇا ڇڏي پيو وڃي؟ ۽ جيڪي ملائڪ روح قبض ڪرڻ جي لاءِ ايندا آهن اهي عملن ۽ عقيدن جو حساب لڳائيندا آهن۔ (مراٰۃ المناجيح، ۷/۴۹)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! عقلمندي جي تقاضا اها ئي آهي ته اسان دنيا ۽ ان جي سامان جو فڪر ڇڏيون ۽ نيڪ عمل گڏ ڪرڻ ۾ مشغول ٿي وڃون۔ جنهن مال ۽ دولت کي ڪمائڻ جي لاءِ اسان زندگي ختم ڪري ويٺيون آهيون ان مان به صرف ايترو ئي اسان جو آهي جيترو اسان خرچ ڪري ڇڏيو۔ جيڪو رهجي ويو اهو اسان جو نه آهي بلڪه وارثن جو ٿيندو۔ ان ڪري عقلمندي جي تقاضا آهي ته مال ودولت ۽ دنيا جي هوس کي ختم ڪريو ۽ آخرت سنوارڻ تي توجھ ڏيون۔ هن پيسي ڪنهن سان وفا نه ڪئي، اهو واقعي هٿن جو مير آهي، بالفرض جيڪڏهن زندگي ۾ ڪروڙين اربين روپيا گڏ به ڪيا وڃن تڏهن به اسان صرف ايترو ئي استعمال ڪري سگھون ٿيون جيترو