Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

انهن کي به ان سان گڏ ڪيو. (ذمُّ الدّنيا مع موسوعۃالامام ابن ابي الدنيا، ۵/ ۷۲ ،رقم۱۲۳)

دنيا جي حقيقت

مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 561 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”ملفوظاتِ اعليٰ حضرت“ ۾ منهنجا آقا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه دنيا جي مذمت جي باري ۾ فرمائن ٿا ته حديث پاڪ ۾ آهي؛ جيڪڏهن دنيا جي قدر اللہ  تعالي وٽ هڪ مڇر جي پر برابر (به) هجي ها ته (پاڻي جو) هڪ ڍُڪ (به) ان مان ڪافر کي نه ڏئي هئا. (ترمذي ج 4 ص 144 حديث 2327) (دنيا) ذليل آهي (انهيءَ ڪري) ذليلن کي ڏني وئي، جڏهن کان ان کي بڻايو آهي ڪڏهن ان ڏانهن نظر نه فرمائي، دنيا، آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ فضا ۾ مُعَلَّق (يعني لٽڪيل) آهي، فرياد ۽ زاري ڪندي (يعني روئيندي) آهي ۽ چوندي آهي؛ اي منهنجا رب عَزَّوَجَلَّ! تون مون کان ڇو ناراض آهين؟ (پوءِ فرمايو) سون چاندي خدا جا دشمن آهن، اهي ماڻهو جيڪي سون چاندي سان محبت رکندا آهن قيامت جي ڏينهن پڪاريا ويندا ڪٿي آهن اهي ماڻهو جيڪي خدا جي دشمن سان محبت رکن ٿا، اللہ  تعاليٰ دنيا کي پنهنجي محبوب (يعني پيارن ٻانهن) کان ائين پري ڪندو جيئن هڪ ماءُ بيمار ٻار کي نقصان وارين شين کان پري رکندي آهي۔ (نيڪي کی دعوت،ص۲۶۵ملخصاًوملتقطاً )

حُبّ دُنیا میں دل پھنس گیا ہے      نفس بدکار حاوی ہوا ہے

ہائے شیطاں بھی پیچھے پڑا ہے      یاخدا تجھ سے میری دعا ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  بُزرگانِ دين جو ڪردار اسان جي لاءِ مشعلِ راھ آهي، اهي حضرات دنيا (World) جي حقيقت کي چڱي طرح سڃاڻندا هئا۔ دُنيا انهن ڏانهن ايندي آهي پر اهي دُنيا جي مُقابلي ۾