Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

ضرورت کان زِياده مشغول رهڻ وارو حلال ۽ حرام ۾ تميز ناهي ڪري سگھندو، دنيا ۾ ضرورت کان زِياده مشغول رهڻ وارو حُقُوْقُ اللہ  سان گڏوگڏ حُقُوقُ العِبَاد يعني ٻانهن جي حقن کان به غافل ٿي ويندو آهي، دنيا ۾ ضرورت کان زِياده مشغول رهڻ وارو چورن، ڌاڙيلن ۽ لٽيرن جو شڪار ٿي ويندو آهي۔ مطلب ته دنيا ۾ ضرورت کان زِياده مشغول رهڻ وارو انسان طرح طرح جي آفتن ۾ مبُتلا رهندو آهي۔دنيا ۾ ضرورت کان زِياده مشغول رهڻ وار جيڪڏهن دنيا جي حقيقت کي سمجھي وڃن ته ڪڏهن به ان سان دل نه لڳائن ها۔ قرآنِ ڪريم جي مختلف آيت سڳورين ۾ دُنيا جي حقيقت کي بيان ڪيو ويو آهي جيئن سيپارو 27سُورَۃُ الْحَدِيد جي آيت نمبر20 ۾ ارشاد آهي:

اِعْلَمُوْۤا اَنَّمَا الْحَیٰوةُ الدُّنْیَا لَعِبٌ وَّ لَهْوٌ وَّ زِیْنَةٌ وَّ تَفَاخُرٌۢ بَیْنَكُمْ وَ تَكَاثُرٌ فِی الْاَمْوَالِ وَ الْاَوْلَادِؕ- (پ۲۷،الحديد:۲۰)

 تَرجَمو ڪنز الايمان: يقين ڄاڻو ته دنيا جي زندگي ته فقط راند روند ئي آهي ۽ سينگار ۽ توهان جو هڪٻئي ۾ فخر ڪرڻ ۽ مال ۽ اولاد ۾ هڪٻئي تي زيادتي جي خواهش.

بيان ڪيل آيت سڳوري تحت تفسير صِراطُ الجِنان ۾ لکيل آهي: هن آيت ۾ دُنيا جي حقيقت بيان ڪئي پئي وڃي ته جيئن مسلمان ان طرف راغب نه ٿين ڇوته دُنيا تمام گھٽ نفعي واري ۽ جلد ختم ٿيڻ واري آهي۔ هن آيت ۾ اللہ  پاڪ دُنيا جي باري ۾ پنج (5) شيون بيان ڪيون آهن (1،2)… دنيا جي زندگي ته صرف راند روند آهي جيڪو ٻارن جو ڪم آهي ۽ صرف ان جي حصول ۾ محنت ۽ مشقت ڪندو رهڻ وقت ضائع ڪرڻ کان سوا ٻيو ڪجھ نه آهي۔(3)… دنيا جي زندگي زِينت ۽ آرائش جو نالو آهي جيڪو عورتن جو شيوو آهي۔ (4،5)…دنيا جي زندگي پاڻ ۾ فَخر ۽ غرور ڪرڻ ۽ مال ۽ اولاد ۾