Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

سڃاڻي، هاڻي توهان جي پيشاني تي پسينو اچي ويو، روئڻ جو آواز اچڻ لڳو ۽ توهان کي موت جو يقين ٿي ويو، توهان جون پلڪون بند ٿيڻ سان موت جو گمان يقين ۾ بدلجي ويو، زبان ڏڪي رهي آهي، تنهنجا ڀيڻ ڀاءُ روئي رهيا آهن، توهان کي چيو ويندو آهي ته هي تنهنجو فُلاڻو پٽ آهي، هي فُلاڻو ڀاءُ آهي، پر تون ڪلام ڪرڻ کان روڪيو ويو آهين، پوءِ تُون ڳالهائي نه سگھندين، تنهنجي زبان تي مهر لڳي وئي جنهن جي ڪري آواز نه پيو نڪري، پوءِ توکي موت اچي ويو ۽ تنهنجو رُوح عضوئن مان پوري طرح نڪري ويو، پوءِ ان کي آسمان ڏانهن کنيو ويو، ان وقت تنهنجا ڀائر گڏ ٿيندا آهن، پوءِ تنهنجو ڪفن کڻي ايندا آهن ۽ توکي غسل ڏئي ڪفن پارائيندا آهن۔ هاڻي تنهنجي عيادت ڪرڻ وارا خاموش ٿي ويهي رهندا آهن ۽ توسان حسد ڪرڻ وارا به آرامي ٿيندا آهن، گھر وارا تنهنجي مال ڏانهن مُتوجه ٿي ويندا آهن ۽ تنهنجا عمل گِروي ٿي ويندا آهن۔ (احياء العلوم، ڪتاب ذمّ الدنيا،بيان المواعظ في ذم الدنيا وصفتها، ۳/۲۶۰ملتقطاً)

دل سے دنیا کی محبّت دُور کر      دل نبی کے عشق سے معمور کر

اَشک مت دنیا کے غم میں تُو بہا       ہاں نبی کے غم میں خوب آنسو بہا

8مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مدرسة المدينه بالغات “

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! دنيا جي مَحَبَّت کان پيڇو ڇڏائڻ، فڪرِ آخرت جو جذبو وڌائڻ ۽ نيڪين تي اِستقامت جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهو ۽ ذيلي حلقي جي 8 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺو۔ 8 مدني ڪمن مان روزانو جوهڪ مدني ڪم ”مدرسة المدينه بالغات“۾ پڙهڻ پڙهائڻ به آهي. في ذيلي حلقو گهٽ ۾ گهٽ هڪ مدرسة المدينه (بالغات) جو اهتمام ڪيو، مدرسة المدينه ۾ پڙهڻ وارين جو حدف گهٽ ۾ گهٽ 12 اسلامي ڀينرون آهن. (دورانيو وڌ کان وڌ هڪ ڪلاڪ 12 منٽ) صبح 8:00 کان آذانِ عصر تائين ڪنهن به وقت