Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

گڏجينه مرن ها۔ پوءِ پاڻ عَلَيهِ السَّلَام انهن مُردن کي پڪاريائون: اي ڳوٺ وارو! انهن مان هڪ جواب ڏنائين: لَبَّيڪ يا رُوحَ اللہ ! يعني اي روحُ اللہ ! اسان حاضر آهيون۔ پاڻ عَلَيهِ السَّلَام ارشاد فرمايائون: توهان جي شيطان جي پوڄا ڪهڙِي  هئي؟ ان چيائين: اسان شيطان جي پُوڄا ۽ دُنيا سان مَحَبَّت ڪندا هئاسين، پاڻ عَلَيهِ السَّلَام فرمايائون: توهان جي شيطان جي پُوڄا ڪهڙي هئي؟ ان چيائين: اسان اللہ  پاڪ جي نافرمانن جي پيروي ڪندا هئاسين، پاڻ عَلَيهِ السَّلَام جن ارشاد فرمايو: توهان جي دنيا سان مَحَبَّت ڪهڙي هئي؟ ان چيائين: اهڙي جيئن ٻار پنهنجي ماءُ سان مَحَبَّت ڪري ٿو، جڏهن دنيا اسان وٽ ايندي هئي ته اسان خوش ٿيندا هئاسين ۽ جڏهن هلي ويندي هئي ته اسان غمگين ٿيندا هئاسين۔ گڏوگڏ هي اسان ڊگھيون اُميدون رکيون هيون ۽ اللہ  پاڪ جي اطاعت کان مُنهن موڙي ان جي ناراضي ڏانهن وڌي رهيا هئاسين۔ پاڻ عَلَيهِ السَّلَام جن ارشاد فرمايو: توهان جو هي حال ڪيئن ٿيو؟ ان چيائين: اسان رات خيريت ۾ گذاري ۽ صبح هاويه ۾ ڪئي۔ فرمايائون: هاوِيه ڇا آهي؟ هو چوڻ لڳو: سِجِّين۔ ارشاد فرمايائون: سجين ڇا آهي؟ ان چيائين: دنيا جي سمورن حصن جيتري باھ (Fire) جو هڪ ٽانڊو آهي، ان ۾ اسان سڀني جا رُوح دَفن ڪيا ويا آهن۔ پاڻ عَلَيهِ السَّلَام ارشاد فرمايائون: توهان جا ساٿي ڇو نه پيا ڳالهائن؟ ان چيائين: اهي ڳالهائڻ جي طاقت نٿا رکن۔ ارشاد فرمايائون: ان جو سبب؟ هو چوڻ لڳو: انهن جي واتن ۾ باھ جون لغامون وڌيون ويون آهن۔ پاڻ عَلَيهِ السَّلَام ارشاد فرمايائون: پوءِ تون مون سان ڪيئن ڳالهائي رهيو آهين جڏهن ته تون به ته انهن ۾ آهين؟ ان چيائين: يقيناً مان انهن مان آهيان پر منهنجو اهو حال نه آهي جيڪو انهن جو آهي، جڏهن مُصيبت آئي ته انهن سان گڏ مون کي به گھيري ورتو ۽ هاڻي مان هاويه ۾ هڪ وار سان لٽڪيل آهيان، مون کي خبر نه آهي ته مون کي باھ ۾ ڪرايو ويندو يا وري مان نجات ماڻيندس۔ پاڻ عَلَيهِ