Ghaus e Pak Ki Karamat

Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

ملائڪ دُعائن سان نوازيندا آهن، مُسَلمان جي عِيادت ڪرڻ واري کي جنّت ۾ هڪ باغ عطا ڪيو ويندو، مُسَلمان جي عِيادت ڪرڻ وارو ستّر (70) سال جي مفاصِلي تي دَوزخ کان پري رکيو ويندو۔ ياد رهي! بيمار جي عِيادت ڪرڻ ثَواب جو ڪم آهي پر ڪڏهن ڪڏهن عِيادت ڪرڻ واري مريض جي لاءِ راحت جي بدران زحمت جو سبب بڻجي ويندي آهي۔ بِلا ضَرورت مَرَض جو تفصيل پُڇڻ، طِبّي مُعَامَلن کان بي خبر هوندي به ان کي طرح طرح جا مَشوَرا ڏيڻ ۽ ٻيا فُضول سُوال ڪرڻ مريض جي لاءِ تڪليف ۽ دل آزاري جا سَبَب بڻجي ويندا آهن، بَهرحال عِيادت ڪرڻ ۾ مريض جي ڪيفِيت جو خَيال رکڻ بيحد ضَروري آهي ۽ جيڪڏهن اهو مَحسوس ٿئي ته اسان جي مَوجُودگي مريض جي لاءِ تڪليف جو سَبَب آهي ته جَلد اتان کان رَوانو ٿيڻ گھرجي۔ فرمانِ مُصطَفٰيصَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: اَفْضَلُ الْعِيادَة سُرْعَة الْقِيام بهترين عِيادت جَلد اُٿي وڃڻ آهي۔ (شعب الايمان،باب في عيادة المريض، فصل في آداب العيادة، ۶/۵۴۲، حديث: ۹۲۲۱)

حڪيمُ الاُمَّت مُفتِي اَحمد يار خان رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي تَحت لکن ٿا: هي تمام ان صورت ۾ آهي جڏهن بيمار کي ان جي ويهڻ سان تڪليف ٿئي۔ (مرآة المناجيح، ۲/ ۴۳۳) حضرت علّامه علي قاري رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جنهن وَقت هي گُمان ٿئي ته مريض ان شخص جي ويهڻ کي گهڻو پسند ڪري ٿو، مثال طور هو ان جو دوست يا ڪو بُزرگ آهي يا هيءُ ان ۾ پنهنجي مَصلَحَت (ڀلائي) سمجھي ٿو، اهڙي طرح ڪو ٻيو فائدو هجي ته ان وَقت مريض وٽ وڌيڪ ويهڻ ۾ ڪو حَرَج نه آهي۔          (مرقاة المفاتيح،ڪتاب الجنائز،۴ /۶۰، تحت الحديث:۱۵۹۱)

بيان ڪيل حِڪايت ۾ ٻيو مَدَني گل هي آهي ته سَرڪارِ بَغداد، حُضورِ غَوْثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه صاحِبِ ڪرامَت بُزرگ هئا جو سندن وُجُودِ مَسعُود جي بَرَڪت سان سُڪل وڻ به سر سبز ٿي بي موسم ميوو ڏيڻ لڳندا آهن جڏهن ته پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه کي بارگاھ خُداوَندِي ۾ اهو بُلند ۽ اعليٰ مقام ۽ مرتبو حاصِل هو