Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat
ته حضرت سَيّدُنا اِمام اسماعيل حقّي رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: نبين، ولين ۽ شهيدن جا جسم قبرن ۾ نه ئي تبديل ٿيندا آهن ۽ نه ئي پراڻا ٿيندا آهن ڇو ته الله عَزَّوَجَلَّ انهن جي جسمن کي ان خرابي سان جيڪا گوشت جي ڳرڻ سڙڻ سان پيدا ٿيندي آهي، محفوظ رکيو آهي (روح البیان، پ۱۰،التوبة،تحت الآیة:۴۱ ،۳/۴۳۹) مشائخ عظام رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين جو فرمان آهي : چار بزرگ اهي آهن جيڪي اهڙي طرح تَصَرُّف فرمائيندا آهن جيئن پنهنجي زندگي ۾ تَصَرُّف فرمائيندا هئا(اهي وفات ٿي وڃڻ کان بعد حيات کان) ڪئي ڀيرا وڌيڪ تَصَرُّف فرمائيندا آهن: حضرت سَيدُنا مَعروف ڪرخي، حضرت سَيدُنا شَيخ عبدُ القادِر جِيلاني
رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْهُمَا ۽ ٻه انهن جي عِلاوه آهن۔ (لمعات التنقيح،ڪتاب الجنائز،باب زيارة القبور،۴/۲۱۵،تحت الباب:۸) حضرت علّامه علي قاري رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ”فَلَا فَرْقَ لَهُم فِي الْحَالَيْنِ وَلِذَا قِيْلَ اَوْلِيَاءُ الله لَا يَمُوْتُوْنَ وَلٰكِنْ يَّنْتَقِلُوْنَ مِنْ دَارٍ اِلٰى دَارٍ يعني الله جي ولين جي ٻنهي حالتن (زندگي ۽ موت) ۾ هرگز (ڪو) به فرق ناهي، ان لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي مرندا ناهن بلڪه هڪ گهر کان ٻي گهر ۾ تشريف کڻي ويندا آهن. (مرقاة المفاتيح، ڪتاب الصلوٰة، باب الجمعة،فصل الثالث،۳/۴۵۹،تحت حديث: ۱۳۶۶)
اچو! حُضور غوث ِپاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جو پنهنجي مزار اَقدس تي حاضر ٿيڻ واري هڪ اَهلِ مَحَبَّت کي نوازڻ تي مُشتَمِل هڪ دلنشين واقِعو ٻڌو ۽ پنهنجو ايمان تازه ڪريو،
مزار مبارڪ مان ٻاهر تشريف وٺي آيا
مصر جو واپاري حضرت سَيدُنا شَيخ عبدُالقادر جِيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جو عقيدت مند هو ۽ پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي سلسله عاليه قادِرِيه ۾ داخل ٿيڻ جو به ارادو رکندو هو پر دنياوي ڪاروبار جي مَصرُوفِيت جي ڪري چاليھ سالن تائين سندن رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمتِ اقدس ۾ حاضِري جي شَرَف کان مَحروم رهيو۔ آخرِڪار فيض ۽ بَرَڪتون حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي زِيارت جي لاءِ بغداد جو سفر شُروع ڪيو، واپاري جي بغداد پهچڻ تي خبر پئي ته حضرت سَيدُنا غَوثِ اَعظم رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه وِصال ڪري ويا آهن ته پنهنجي مراد پوري نه