Ghaus e Pak Ki Karamat

Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

اضافو ٿي ويندو هو ۔

v    اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه غريبن، فقيرن، مسڪينن ۽ مُحتاجن جي مدد ڪرڻ وارا هئا۔

الله عَزَّ وَجَلَّ اسان کي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي سچي پڪي غلامي نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                       صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                       صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

سلام ڪرڻ جون سُنتون ۽ آداب

٭ مسلمان سان ملاقات ڪرڻ وقت ان کي سلام ڪرڻ سنّت آهي۔ ٭ ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿئي، هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري ۾ بار بار اچ وڃ ٿئي، اتي موجود مسلمانن کي سلام ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي ٭ سلام ۾ پهل ڪرڻ سنت آهي ٭سلام ۾ پهل ڪرڻ وارو الله عَزَّ وَجَلَّ جو مقرب آهي ٭ سلام ۾ پهل ڪرڻ وارو تڪبر کان به بري آهي جيئن ته منهنجي مڪي مدني آقا مٺي مٺي مصطَفٰي صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فَرمانِ باصَفا آهي: پَهرين سَلام ڪرڻ وارو تڪبُّر کان بَرِي آهي۔ (شُعَبُ الايمان ج۶ ص ۴۳۳)  سلام (۾ اڳرائي) ڪرڻ واري تي 90 رحمتون ۽ جواب ڏيڻ واري تي 10 رحمتون نازل ٿينديون آهن. (کيميائے سعادت) ٭ اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ چوڻ سان 10 نيڪيون ملنديون آهن، گڏوگڏ وَرَحْمَۃُ الله


 

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵