Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat
پنجن(5) سالن جي عمر ۾ جڏهن پهرين ڀيرو بِسْمِ اللہ خواني جي رسم جي لاءِ ڪنهن بزرگ وٽ ويٺا ته اَعُوْذُ بِاللہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْم ۽ بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم پڙهي ڪري سُورَةُ الفاتِحَه ۽ آلمّ کان وٺي 18 سيپارا پڙهي ٻڌائي ڇڏيا. ان بزرگ پڇيو؛ پُٽ اڃا پڙھ. فرمايائون؛ بس مون کي ايترو ئي ياد آهي، ڇو ته منهنجي والده کي به ايترا ئي ياد هئا، جڏهن مان پنهنجي والده جي پيٽ ۾ هيس، ان وقت اها پڙهندي هئي، مون ٻڌي ڪري ياد ڪري ڇڏيا هئا. (الحقائق فی الحدائق،۱/۱۴۰بتغیرقلیل)
| تُو ہے وہ غوث کہ ہر غوث ہے شیدا تیرا |
| تُو ہے وہ غیث کہ ہر غیث ہے پیاسا تیرا |
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
ڪتاب ”غوث پاڪ جا حالات “ جو تعارف
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! حُضُور غوث اعظم رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي زندگي جا وڌيڪ احوال ۽ سندن وڌيڪ ڪرامتون ڄاڻڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي مطبوعه 106 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”غوث پاک کے حالات“ جو مطالعونهايت فائديمند آهي هن ڪتاب ۾ شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي کوڙسارين ڪرامتن ۽ ان کان علاوه سندن جا احوال،سندن جي ننڍپڻ جا واقعا،علم ۽ پرهيزگاري، فرمان، اوهان جي شان ۾ لکيل مَنقَبَتون ۽ اولياء ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جي سندن سان عقيدت جي اظهار جي متعلق قول وغيره نهايت سٺي انداز ۾ ترتيب سان بيان ڪيا ويا آهن،
رسالو(انبیا و اولیاء کوپکارناکیسا( جو تعارف
مڪتبة المدينه تان جاري ڪيل شَيخِ طرِيقَت اَميرِ اَهلِسنّت،بانيِ دعوت اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادري رضَوي ضيائي دامَت بَرَڪَاتُهُمُ العَالِيَہ جي مدني مذاڪرن تي مشتمل رسالو (انبیا و اولیاء کوپکارناکیسا( جومطالعو ڪريو اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن رسالي ۾ انبياءِ ڪرامعَـلَيْـهِمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام ۽ اولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ