Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat
٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ڇڙٻ ڏيڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله ، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارين جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غير ضروري استعمال کان ٻچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جي آواز جو ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻڌندَس ان کي ٻڌي ڪري ان تي عمل ڪندي ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي دُعا جي بَرَڪت:
حضرت سَيدُنا شَيخ اِسماعيل بن علي رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته حضرت سَيدُنا شَيخ علي بن هَيتَمِي رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جڏهن بيمار ٿيندا هئا ته ڪڏهن ڪڏهن منهنجي زَرِيرَان واري زمين ڏانهن تشريف کڻي ايندا هئا ۽ اتي ڪئي ڏينهن گُذاريندا هئا۔ هڪ ڀيري پاڻ اتي بيمار ٿي پيا ته انهن وٽ غَوثِ صَمداني، قُطبِ رَبَّانِي، شَيخ سَيد عَبدُالقَادِر جِيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه بَغداد کان عيادت جي لاءِ تشريف فرما ٿيا، ائين ٻئي اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْهمَا منهنجي زمين تي گڏ ٿيا هتي ٻه کجيءَ جا وڻ هئا جيڪي چئن (4) سالن کان خُشڪ هئا ۽ انهن ۾ميوو (Fruit) پيدا نه ٿيندو هو۔ اسان انهن وڻن کي ڪٽڻ جو اِرادو ڪيو ته حضرت سَيدُنا شَيخ عَبْدُالقادِر جِيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه ان مان هڪ وڻ هيٺان وُضُو ڪيائون ۽ ٻي جي هيٺان ٻه نَفل ادا ڪيائون۔ ڏسندي ئي ڏسندي ٻئي وڻ ساوا ٿي ويا، انهن جا پن ڦٽڻ شروع ٿيا ۽ انهيءَ هفتي ۾ انهن کي ميوو لڳي ويو جڏهن ته اهو کجين جي ميون جو وَقت ئي نه هو۔ مون پنهنجي زمين تان ڪجھ کجورون کڻي پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضِر ڪيون، پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه ان مان کاڌيون ۽ مون کي