Ghaus e Pak Ki Karamat

Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

(2) لَٺِ مبارڪ روشن ٿي وئي 

حضرت سَيِّدُنا عَبدُالۡمَلِڪ ذَيّال رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه بيان ڪن ٿا ته مان هڪ رات غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي مدرسي ۾ بيٺو هيس ته سندن هڪ لَٺِ، دستِ مبارڪ ۾ کڻي اندران کان ٻاهر تشريف کڻي آيا، منهنجي دل ۾ خيال آيو ته ڪاش! غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي هن لَٺ جي ذريعي مون کي ڪا ڪرامت ڏيکارين، هتي منهنجي دل ۾ هي خيال گذريو هوڏانهن حُضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه لَٺ کي زمين ۾ ٺوڪي ڇڏيو، ته اها لٺ (staff) ڏيئي وانگر روشن ٿي وئي، ۽ گهڻي دير تائين روشن رهي، پوءِ پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه ان لَٺ کي زمين مان ڪڍي ڇڏيو ته اها جيئن هئي ائين ئي ٿي وئي.، ان کان پوءِ حُضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جن فرمايو؛ بس اي ذَيّال! توهان اهو ئي چاهيو پيا؟         

                                             ( بهجة الاسرار، ذڪرفصول من ڪلامه …الخ،ص۱۵۰) 

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته پيران پير، پير دَست گير، روشن ضمير، قُطبِ رَبّاني، محبوبِ سُبحاني، پيرِ لاثاني ڪهڙا باڪرامت ولي هئا جو جن کي ربِّ ڪائنات عَزَّوَجَلَّ اها طاقت ۽ قدرت بخشي هئي جو پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه غيب جي خبر ڏيندي دلين ۾ پيدا ٿيڻ وارن خيالن کان باخبر ٿي ويندا هئا ايستائين جو پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي مشهور زمانه ’’قصيدهٔ غوثيه ۾ ته ايستائين اِرشاد فرمايائون ته .....

نَظَرْتُ اِلٰي بِلَادِ الله جَمْعًا                                                        کخَرْدَلَة عَلٰي حُکمِ اتِّصَالِي

يعني مون الله عَزَّوَجَلَّ جي سڀني شهرن کي ائين ڏسي ورتو جيئن رائي جا ڪجھ داڻا مليل هجن.

مشهور مُحَدِّث حضرت سيدُنا شيخ عبدُ الحق محدِّث دِهلَوِي رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا:حُضور غوثُ الاعظم رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جن اِرشاد فرمايو: جيڪڏهن شريعت منهنجي منهن تي  لغام نه لڳائي ها ته مان توهان کي ٻڌائي ڇڏيان ها ته توهان گھر ۾ ڇا کاڌو آهي ۽ ڇا رکيو آهي، مان توهان جي ظاهر ۽ باطن کي ڄاڻان ٿو ڇو ته توهان منهنجي نظر ۾ آر پار نظر اچڻ واري شيشي وانگر آهيو۔ (اخبار الاخيار،ص،۱۵)