Ghaus e Pak Ki Karamat

Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

فرمائن ٿا: مَشائخِ اَولِياء رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين مان ڪو به ڪرامتن جي لحاظ کان پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي برابر نه آهي، ايستائين جو بعض مشائخ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين فرمائن ٿا ته پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي ڪرامتن جو حال ته موتين (Pearls) جي لڙ وانگر آهي ته جڏهن ٽٽندي آهي ته هڪ کان بعد هڪ موتي ڪرندا ويندا آهن ۽ سندن جون ڪرامتون ڳڻپ ۽ شُمار کان ٻاهر آهن۔  (اشعۃ اللمعات،کتاب الفتن،باب الکرامات، ۴/۶۱۰ مفہوما)

 اچو! پنهنجي دلين ۾ حضور غَوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي عظمت وڌائڻ جي لاءِ سندن جون 2 ڪرامتون ملاحظه ڪريو، جيئن ته،

(1) اناج ۾ برڪت ٿي

شيخ ابو العباس احمد قَرَشِي بغدادي رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته هڪ ڀيري بغداد ۾ ڏڪار پيو هو، مون پنهنجي محتاجي ۽ ڪثرتِ عيال (گهڻن ٻار ٻچن) جي شڪايت بارگاھ غَوثِيت ۾ ڪئي، ته غوثِ صمداني، قُطبِ ربَّاني حضرت سَيدُنا شَيخ عبدُ القادِر جِيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه منهنجي لاءِ هڪ وَيبَه (هڪ مخصوص پيمانو) ڪڻڪ جو ڪڍيائون ۽ مون کي فرمايائون ته هن کي هڪ ٻوري ۾ وجھي ان جو منهن بند ڪري ڇڏيو ۽ هڪ پاسي کان کولي ڪڍندا رهجو ۽ پيهين کائيندا رهجو پر ان جو منهن هرگز نه کولجو۔ شيخ ابوالعباس رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته اسان ان ٻوري مان ڪڻڪ ڪڍي ڪڍي اها پنج سالن تائين کائيندا رهياسين، پوءِ هڪ ڏينهن منهنجي گھرواريءَ ان جو منهن کولي ڇڏيو ته اها ست(7) ڏينهن ۾ خَتم ٿي وئي، پوءِ مون حُضور غَوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ اها ڳالهه عرض ڪئي ته پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جن اِرشاد فرمايائون: جيڪڏهن توهان ان کي ڇڏي ڏيو ها ۽ ان جو منهن نه کوليو ها ته پنهنجي مرڻ تائين انهيءَ مان کائيندا رهو ها يعني اها ڪڻڪ ختم نه ٿئي ها۔            (بهجة الاسرار ، ص ۱۳۰)

وہ اور ہیں جن کو کہئے محتاج                                       ہم تو ہیں گدائے غوث اعظم

جو دم میں غنی کرے گدا کو                                      وہ کیا ہے عطائے غوث اعظم

(ذوق نعت،ص۱۲۳)