Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ياد رهي! جهڙي طرح اَولِياء ڪرام رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْهم ،اَجْمَعِين جي دُعائن سان بگڙي بڻجي ويندي آهي ۽ قِسمَت سَنوَرجي ويندي آهي، ائين ئي جيڪڏهن اهي حضرات ناراض ٿي ڪنهن جي خِلاف دُعا ڪن ته اهو ماڻهن لاءِ عِبرَت جو نشانو بڻجي ويندو آهي، جيئن ته،
بزرگن جي دعا ۽ دعاءِ ضرر جو اثر
شَيخُ الحديث حضرت علّامه عبدُ المُصطفيٰ اَعْظَمِي رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: الله تعالٰي جي مَحبوب ٻانهن (مثال طور) عُلَمَاء، اَولِياء ۽ تمام صالِحِين (رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين) جي ڪنهن جي خِلاف دُعائون نهايت ئي خطرناڪ ۽ هلاڪت ڪندڙ بلائون آهن۔ انهن بُزرگن جي دُعاءِ ضَرَر ۽ بد دعا اها تَلوار آهي جنهن جي ڪا ڍال ناهي ۽ هي تباهي ۽ بَربادِي جو اهو زهر آلود تِير آهي جنهن جو نشانو ڪڏهن به گُسندو ناهي، تنهنڪري هر مسلمان تي لازِم آهي ته سڄي زِندَگي هر هر قَدَم تي اهو ڌيان رکي ته ڪڏهن به الله تعالٰي جي نيڪ ٻانهن جي شان ۾ ذرّي برابر به بي اَدَبي نه ٿئي ۽ بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين مان ڪنهن جي به دُعاءِ ضَرَر نه وٺي بلڪه هميشه ان ڪوشِش ۾ لڳل رهي ته خُدا عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن جون دُعائون ملنديون رهن ڇو ته نيڪ ٻانهن جون نُقصان جي لاءِ دُعائون بَربادِيءَ جو خَوفناڪ سِگنَل (Signal اِشارو) ۽ انهن جون دُعائون آبادي جو مٺو ميوو آهي۔ ( کراماتِ صحابہ ،ص۱۳۶)
هڪ ٻي جاءِ تي لکن ٿا: الله وارن جون دُعائون ان تِير (Arrow) جيان هونديون آهن جيڪو ڪمان مان نڪري نِشاني کان وار برابر به ناهي گسندو۔ ان ڪري هميشه هن جو خيال رکڻ گھرجي ته ڪڏهن به ڪنهن بَد دُعا جي زَد ۽ پاراتي ۾ نه پئون ۽ بي دينن وانگر هرگز هرگز اهو نه چئون ته ادا ڪنهن جي دُعا يا بَد دُعا سان ڪجھ ناهي ٿيندو، اهي ماڻهو هروڀرو ٻين کي بَددُعا جو ڊپ ڏيندا آهن، بلڪ اهو اِيمان رکجي ته بُزرگن جي دُعائن ۽ بَد دُعائن ۾ تمام