Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
اچو! اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين کان پنهنجي لاءِ دُعا ڪرائڻ جي باري ۾ اعليٰ حضرت، اِمامِ اَهلسُنّت مَولانا شاھ اَحمد رضا خان رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جو هڪ واقِعو سماعت ڪريو، جيئن ته،
اعليٰ حضرت،اِمامِ اَهلسُنّت مولانا شاھ امام اَحمد رضا خان رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته پهريون دفعو مديني شريف جي حاضريءَ جي موقعي تي جڏهن مِنيٰ شريف جي مسجد مان سڀ ماڻهو هليا ويا ته مسجد جي اندرئين حصي ۾ هڪ شخص کي ڏٺو ته قبلي ڏانهن رخ ڪري وظيفي ۾ مصروف هو۔ مان مسجد جي اڱڻ ۾ دروازي وٽ هئس، ۽ ڪو ٽيون شخص مسجد ۾ نه هو. اوچتو مسجد ۾هڪ آواز جهونگار وانگر محسوس ٿيو جيئن ماکيءَ جي مک جي آواز هوندي آهي۔ هڪدم منهنجي دل ۾ هي حديث پاڪ آئي؛ ”الله وارن جي دل مان اهڙو آواز نڪرندو آهي جيئن ماکيءَ جي مک جو آوازهجي۔“ (المستدرڪ ج 2 ص 180 حديث 1898) مان وظيفو ڇڏي ان ڏانهن ويس ته ان کان مغفرت جي دعا ڪرايان ۽ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مان ڪڏهن به ڪنهن بزرگ وٽ دنيا جي حاجت لاءِ نه ويس، جڏهن ويس هن خيال سان ته مغفرت جي دعا ڪرائيندس۔ اڃا ٻه قدم ئي ان ڏانهن وڌيس ته ان بزرگ مون ڏانهن منهن ڪري آسمان ڏانهن هٿ کڻي ٽي دفعا چيو؛ ”اَللّٰھُمَّ اغْفِرْ لِاَخِیْ ھٰذَا، اَللّٰھُمَّ اغْفِرْ لِاَخِیْ ھٰذَا، اَللّٰھُمَّ اغْفِرْ لِاَخِیْ ھٰذَا“ (اي الله! منهنجي هن ڀاءُ کي بخش، اي الله! منهنجي هن ڀاءَ جي مغفرت فرماءِ، اي الله! منهنجي هن ڀاءُ کي معاف فرماءِ) آئون سمجهي ويس ته ڄڻ فرمايائون؛ ”اسان تنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو، هاڻي اسان جي ڪم ۾ رڪاوٽ نه وجهه“مان ائين ئي موٽي آيس۔“
(ملفوظات اعليٰ حضرت، ص۴۸۹-۴۹۰ ملتقطاً)
کرم ہو واسِطَہ کُل اَوْلِیاء کا
مِرا اِیماں پہ مَوْلیٰ خاتِمَہ ہو
(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۳۱۶)