Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat
آهي، مَلَڪ ۽ فَلَڪ، زمين ۽ آسمان، بَحر ۽ بَر، جِنّ ۽ انسان ۽ چرند ۽ پرند تي انهن جي حڪومت قائم هوندي آهي بلڪ دنيا جي هر شيء انهن جي تابع ڪئي ويندي آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي به اها شان ۽ ڪرامت هئي ته جهڙي طرح جنن ۽ انسانن تي پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي حڪمراني جو سڪو هلندو هو اهڙي طرح پکي (Birds) به سندن رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي حڪم اڳيان سرِ جهڪائيندا هئا۔ اچو! هن باري ۾ حُضور غَوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي هڪ ڪرامت جي متعلق ٻڌو ۽ خوش ٿيو،جيئن ته،
جڏهن حضرت ابوالحسن اَزْجِي رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه بيمار ٿيا ته حُضور غوثُ الاعظم رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه عِيادت جي لاءِ تشريف وٺي آيا، پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه انهن جي گھر هڪ ڪبوتري ۽ هڪ قُمري کي ويٺل ڏٺائون۔ حضرت ابوالحسن اَزجِي رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه چيائين: اها ڪبوتري ڇھ (6) مهينن کان آنا نٿي لاهي ۽ اها قُمري 9 مهينن کان نٿي ٻولي، پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه ڪبوتري وٽ بيهي چيائون: پنهنجي مالِڪ کي فائدو پهچاءِ ۽ قُمري کي چيائون: پنهنجي خالِق عَزَّوَجَلَّ جي تسبيح بيان ڪر، قُمري ان ڏينهن کان اهڙو ٻولندي جو بغداد وارا ٻڌي محفوظ ٿيندا ۽ ڪبوتري سڄي عمر آنا لاهيندي رهي۔ (نزهة الخاطر،ص۵۹)
کیوں نہ جاؤں میں غوث پرواری، آفتیں دُورہوگئیں ساری
جب تڑپ کر انہیں پکارا ہے، واہ کیا بات غوثِ اعظم کی
(وسائل بخشش مرمم،ص۵۷۸)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! حضرت سيدنا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جو فيضان عام ڪرڻ لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سموري دنيا ۾ ڪم و بيش 104 شعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ ۾ مصروفِ عمل آهي.انهي مان هڪ شعبو مجلس تراجم به آهي. جيڪو امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مڪتبة المدينه جي ڪتابن ۽ رسالن جو دنيا جي