Ghaus e Pak Ki Karamat

Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

هئي ۽ هوءَ اَلْحَمْدُ لِلّٰہ چوندي ته پاڻ پيٽ ۾ ئي جوابًا یَرْحَمُکِ اللہُ (يعني الله عَزَّ وَجَلَّ اوهان تي رحم فرمائي) چوندا. پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه پهرين رمضان المبارڪ سومر جي ڏينهن صبح صادق جي وقت دنيا ۾ جلوه گر ٿيا، ان وقت چَپَ مبارڪ آهسته آهسته حرڪت ڪري رهيا هئا ۽ الله الله جو آواز اچي رهيو هو. (الحقائق فی الحدائق،  ۱ /۱۳۹بتغیر قلیل) جنهن ڏينهن سندن ولادت ٿي، ان ڏينهن اوهان جي ديارِ ولادت (ولادت واري علاقي) ”جيلان شريف“ ۾ يارنهن سو (1100) ٻار پيدا ٿيا، اهي سڀ جا سڀ ڇوڪرا هئا ۽ سڀ ولي الله بڻيا. (تفریْحُ الخاطر،ص۵۸) پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه پيدا ٿيندي ئي روزو رکي ڇڏيو ۽ جڏهن سج لٿو، ان وقت ماءُ جو کير نوش فرمايائون، سڄو رمضان سندن اهو ئي معمول رهيو. (بہجۃ الاسرار، ص۱۷۲مفہوما)

پیدا ہو تے ہی رکھے رَمَضاں میں روزے، دن میں دُودھ               کا     نہ     اک     قَطرہ    پِیا    یا غَوْثِ    اَعْظَم    دَسْتگیر

سُلطانِ ولايت            غوثِ پاڪ          شهبازخطابت           غوثِ پاڪ

ولين تي حڪومت      غوثِ پاڪ          فانوسِ هِدايت          غوثِ پاڪ

٭مرحبا يا غوثِ پاڪ٭مرحبا يا غوثِ پاڪ٭مرحبا يا غوثِ پاڪ

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! عمومًا ٻار جڏهن ماءُ جي پيٽ ۾ موجود هوندو آهي ته ان جي لاءِ ماءُ جو پيٽ ئي سڀ ڪجھ هوندو آهي، هو ٻاهر جي دنيا ۽ ان ۾ جيڪو ڪجھ به آهي اُن سڀ کان بي خَبَر هوندو آهي پر جِن تي رَبّ تعالٰي خُصوصي فَضل ۽ اِحسان فرمائي ۽ وِلايت جو تاج جن جي مٿي تي سَجيل هجي ته ماءُ جي پيٽ ۾ رهي ڪري به هو ٻاهر جي حالتن (Conditions) کان باخَبَر رهندا آهن۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان جا غَوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه به الله عَزَّ وَجَلَّ جا اهڙا عظيمُ الشَّان مُقَرَّب وَلِي بلڪه وَلين جا سَردَار آهن جيڪي پنهنجي والِده ماجده جي پيٽ ۾ رهي انهن جي قرآن پڙھڻ جي آواز کي نه صِرف ٻڌي وٺندا هئا، بلڪه پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه هن فاني دنيا ۾ جَلوَه گَر ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي پُورا 18 سيپارا حِفظ به ڪري ورتا هئا

ارڙهن (18)سيپارا حفظ هئا