Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat
ڪري ڇڏڻ، پاڻي تي هلڻ، هوائن ۾ اُڏرڻ، دل جي ڳالهه ڄاڻي وٺڻ ۽ پري جي شين کي ڏسي وٺڻ وغيره وغيره.......
هتي اها ڳالھ به ذهن نشين رهي ته اصل ڪرامت، شَرِيعَت ۽ سُنَّت تي اِستِقامت سان عمل ڪرڻ آهي، جيئن ته حضرت سَيدُنا شيخ ابوالقاسم گُرگاني رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: پاڻي تي هلڻ، هوا ۾ اُڏامڻ ۽ غَيب جون خبرون ڏيڻ ڪرامت ناهي بلڪه ڪرامت هي آهي ته اهو شخص سراپا اَمر بڻجي وڃي يعني شريعت جو مُطِيع ۽ فرمانبدار ٿي وڃي اهڙي طرح جو ان کان حرام جو صُدور نه ٿئي۔ (ڪيميائے سعادت، رڪنِ سوم مهلڪات ، اصل دھم ،۲/ ۷۴۹) حضرت سَيدُنا ابُو يزيد بِسطامي رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪڏهن توهان ڏسو ته ڪنهن کي ايتريون ڪرامتون ڏنيون ويون آهن جو هو هوا ۾ اُڏامي ٿو ته ان جي ڌوکي ۾ نه اچو ايستائين جو ڏسو ته هو الله عَزَّوَجَلَّ جي اَمر ۽نهي ۽ حِفظِ حُدود ۽ اَداءِ شريعت ۾ ڪهڙو آهي (يعني الله تعالٰي جن ڳالهين جو حڪم ڏنو آهي اُن تي عمل ڪري ٿو يا نه ۽ جن ڳالهين کان منع ڪيو آهي اُن کان پاسو ڪري ٿو يا نه، شريعت جي حَدّن ۽ ان جي پَيرَوِي جو ڪيترو خيال رکي ٿو)۔ (شعب الايمان ،باب في نشرالعلم،۲/ ۳۰۱، رقم:۱۸۶۰)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! مَحبوبِ سُبحاني، غَوثِ صَمَداني، قِنديلِ نُوراني، شَهبازِ لا مڪاني، شَيخ عبدُ القادر جِيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه، الله عَزَّ وَجَلَّ جا اهي مُقَرَّب ترين وَلي آهن، جيڪي تمام اَولِياء رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين جا سردار آهن ۽ پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي شَخصِيت عوام ۽ خواص سڀني جي لاءِ عقيدت ۽ اِحترام جي لائق آهي، پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه نه صرف ڪثيرُ الڪرامات بُزرگ آهن بلڪه الله عَزَّ وَجَلَّ پاڻ
رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه کي ٻين اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين کان وڌيڪ ڪرامتن ۽ اِنعامن سان نوازيو آهي، ايستائين جو پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جون ڪرامتون ته ڳڻپ کان ٻاهر آهن، جيئن ته،
مشهور مُحَدِّث حضرت سَيدُنا شَيخ عبْدُ الحق مُحَدِّث دهلوي رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه