Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat
الـلّٰـهُ تَـعَالٰی کي پڪارڻ جو ثبوت،اولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جون ڪرامتون،دلچسب واقعا،توبهه جي معنٰي ۽ ان جي حقيقت،خشوع ۽ خضوع جي معنٰي ۽ نماز ۾ ان جي اهميت ۽ ان کان علاوه کوڙ سارن مدني گلن کي بيان ڪيو ويو آهي.تنهنڪري ان ٻنهي رسالن کي مڪتبة المدينه جي شاخ تان هَدِيَّةَ وٺي ڪري پاڻ به پڙهو ۽ ٻين اسلامي ڀينرن کي به هن جو شوق ڏياريو. دعوت اسلامي جي ويب سائيٽ www.dawateislami.net تان هن رسالن کي پڙهي به سگهجي ٿو ۽ ڊائون لوڊ (download) ۽ پرنٽ آوٽ به ڪري سگھجي ٿو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! غَوْثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جون وڌيڪ ڪرامتون به ٻڌنديون سين پر ان کان اڳ ۾ اهو ٻڌون ٿا ته ڪرامت چوندا ڇا کي آهن، اچو ان جي تعريف ملاحظه ڪريو، دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”ڪراماتِ صحابه“ جي صفحي 36 تي آهي ته مومن متقي کان جيڪڏهن ڪا اهڙي نادرُالوجود (يعني تمام گهٽ پائي ويندڙ) ۽ تعجب واري شيء صادر ۽ ظاهر ٿي وڃي جيڪا عام طور تي عادتًا ناهي ٿيندي ته ان کي ڪرامت چوندا آهن. اهڙي قسم جون شيون جيڪڏهن انبياء عَـلَيْـهِمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کان اعلانِ نبوت ڪرڻ کان پهريان ظاهر ٿين ته اِرهاص ۽ اعلانِ نبوّت کان پوءِ ظاهر ٿين ته معجزو چورائينديون آهن ۽ جيڪڏهن عام مومنن کان اهڙين شين جو ظهور ٿئي ته ان کي مَعُونَت چوندا آهن ۽ ڪنهن ڪافر کان ڪڏهن ان جي خواهش جي مطابق هن قسم جي شي ظاهر ٿي وڃي ته ان کي اِسۡتِدرَاج چيو ويندو آهي. (النبراس شرح شرح العقائد ، اقسام الخوارق سبعۃ ، ص۲۷۲ ملخصاً(کراماتِ صحابہ،ص۳۶)) صدرُ الشَّرِيعه، بَدرُ الطَريقَه حضرت علّامه مَولانا مُفتي امجَد عَلي اَعظَمي رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته ڪرامتِ اولياء حق آهي، ان جو منڪر گمراهه آهي(بہارِ شریعت،حصہ اول،۱/۲۶۹) ڪرامت جون تمام گهڻيون قسمون آهن مثلًا مردن کي زندهه ڪرڻ، انڌن ۽ ڪوڙهِين کي شفا ڏيڻ، وڏي سفر کي لمحي ۾ پورو