Ghaus e Pak Ki Karamat

Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

وڌيڪ تاثير آهي۔ (ڪراماتِ صحابه،ص ۱۶۳ملتقطاً)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                       صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون ! شهنشاھ بَغداد، حُضور غَوْثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جون ڪرامتون ٻڌي اسان جي دلين ۾ سندن رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي عَقِيدَت ۽ مَحَبَّت ۽ شان ۽ عظمت ويتر وڌنڌي ويندي  اچو!سندن رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جو مُختَصَر تَعَارُف ٻڌي وٺون ٿيون،

غوثِ پاڪ جن جو نالو ۽ نسب

حضرت سَيدُنا غَوْثِ اَعظَم، شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جن جي ولادت باسعادت پهرين رمضان 470 هجري جو جيلان ۾ ٿي. غوث پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جن جو نالو مبارڪ عبد القادر ۽ ڪنيت ابو محمد آهي، محي الدين، محبوبِ سبحاني، غوث اعظم ۽ غوثِ ثقلين وغيره پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جن جا لقب آهن. پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جن جي والد ماجد جو نالو حضرت سيّدِنا ابو صالح موسٰي جنگي دوست رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه ۽ والده ماجده جن جو نالو اُمُّ الخير فاطمه رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْهَا آهي، پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه والد جي طرف کان حسني ۽ والده ماجده جي طرف کان حُسيني سيّد آهن. (بهجةالاسرار و معدن الانوار، ذڪرنسبه وصفته ، ص۱۷۱-۱۷۲ملخصاً وملتقطاً)

تُو حُسَیْنی حَسَنی کیوں نہ مُحِیُّ الدِّیں ہو                     اے خِضَر مَجْمَعِ بَحْرَیْن ہے چشمہ تیرا

(حدائقِ بخشش، ص ۱۹)

حيرت انگيز واقعا

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان جي غَوثِ پاڪ حضرت سَيدُنا شَيخ عبْدُ القادِر جِيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جو شُمار اَولِياءِ ڪرام جي ان عظيم طَبقي ۾ ٿئي ٿو ته جيڪي پيدائشي وَلِي هئا پوءِ پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي ذاتِ با بَرڪات کان ڪرامتن جو ظُهور هن دُنيا ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ۽ ولادَت بعد ئي ٿيڻ لڳو هو، جيئن ته،

پاڻ اڃان پنهنجي والده ماجده جي پيٽ ۾ هئا، جڏهن انهن کي نِڇَ ايندي