Ghaus e Pak Ki Karamat

Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

به چونديون ته 20 نيڪيون ٿي وينديون ۽ وَبَرَکَاتُہٗ شامل ڪنديون ته 30 نيڪيون ٿي وينديون۔  ٭ اهڙي طرح جواب ۾ وَعَلَیْکُمُ السَّلامُ وَرَحْمَۃُ الله وَبَرَکاتُہٗ چئي 30 نيڪيون حاصل ڪري سگھجن ٿيون ٭ سلام جو جواب جلدي ۽ ايڏي آواز سان ڏيڻ واجب آهي جو سلام ڪرڻ وارو ٻڌي وٺي ٭ سلام ۽ سلام جي جواب جو صحيح تَلَفُّظ ياد ڪري وٺو۔ پهريان مان چوان ٿي اوهان ٻڌي دُهرايو: اَلسَّلامُ عَلَیکُمْ هاڻي پهريان مان جواب ٻڌايان ٿي پوءِ اوهين دُهرايو: وَعَلَیکُمُ السَّلام

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                          صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں۽آداب“ ان کان علاوه شيخِ طريقت، امير اهلسنت جا ٻه رسالا ”101مدني پهول“ ۽ ”163 مدني پهول“ مڪتبة المدينه جي بستي تان هديو ڏئي حاصل ڪريو ۽ پڙهوـ