Ghaus e Pak Ki Karamat

Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

فرمايو هڪ گهڙي رات ۾ پڙهڻ پڙهائڻ سڄي رات عبادت ڪرڻ کان افضل آهي. (مشڪوة المصابيح،ڪتاب العلم،الفصل الثالث،رقم256ج1ص 117) 

تنهنڪري اوهان به هردم دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهندي زياده کان زياده ڪيسٽ اجتماع ۾ پنهنجي شرڪت کي يقيني بڻايو.اچو هن ضمن ۾ هڪ مدني بهارٻڌو جيئن ته:

غفلت جي خواب مان بيدار(سڄاڳ) ٿي ويون.

پنجاب (پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀيڻ دعوت اسلامي جي مشڪبار مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان t.v تي فلمون ڊراما ڏسڻ جي عادي هئي، بازار وغيره ۾ وڃڻ جي لاءِ بغير پردي جي ئي نڪري پوندي هئي، نمازبه نه پڙهندي هئي.ائين ئي ان جا صبح ۽ شام غفلت ۽ گناهن ۾ گزري رهيا هئا،هڪ ڀيري ڪنهن ان کي مڪتبة المدينه تان جاري ٿيڻ واري سنتن ڀري بيانن جون ڪيسٽون ڏنيون انهن کي ٻڌائين ته هوءَ غفلت جي خواب کان سڄاڳ ٿي پئي.انهن بيانن جي برڪت سان ان کي خوف خدا جي دولت نصيب ٿي،عشق رسول جو جذبو مليو ۽ اها نماز جي پابند ٿي وئي، انهن پنهنجي تمام گناهن خاص ڪري بي پردگيءَ کان پڪي توبهه ڪئي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدني برقعو انهن جي لباس جو حصو بڻجي ويو اها بي لغام زبان جيڪا پهريان گانا چوڻ ۾ مصروف رهندي هوئي هاڻي اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ نعت مصطفٰي صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌائڻ لڳي (پردي جي باري ۾ سوال جواب،ص،32) 

کٹی ہے غفلتوں میں زندگانی                    نہ جانے حشر میں کیا فیصلہ ہو

الہٰی ہوں بہت کمزور بندی           نہ دنیا میں نہ عُقبیٰ میں سزا ہو

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                                              صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! الله عَزَّوَجَلَّ تمام گھڻو ڪريم آهي هو پنهنجي بَرگُزِيدَه (پسنديده ڪيل) ٻانهن کي تمام وڌيڪ اِختيار عطا ڪندو