Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat
مختلف زبانن ۾ مثال طور انگلش، عربي، فارسي، فرينچ، جرمن، چائنيز، اٽالين، رشين، هندي، گجراتي، سنڌي، بنگالي جي علاوه ڪم و بيش 36 زبانن ۾ ترجمو ڪرڻ جي خدمتِ سر انجام ڏئي رهيو آهي ته جيئن اردو پڙهڻ وارن سان گڏوگڏ دنيا جون ٻيون زبانون ڳالهائڻ وارا ڪروڙين ماڻهو به فيضياب ٿين ۽ انهن جو اهو ئي مدني ذهن بڻجي وڃي ته. ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ“
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! مجلس تراجم جا تمام ڪتاب ۽ رسالا دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تي موجود آهن. ان کان علاوه مدني اسلامڪ ئي بڪ لائبريري (Islamic eBooks Library) جي نالي سان موبائل ايپلڪيشن به آهي. جنهن جي مدد کان اوهين ڪتابن ۽ رسالن جو نه صرف پاڻ مطالعو ڪري سگهو ٿيون بلڪه پنهنجي دوست ۽ احباب کي هن ايپلڪيشن جو link شيئر ڪري ثوابِ جاريه جو سامان ڪري سگهو ٿيون.
اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں
اے دعوتِ اسلامی تِری دھوم مچی ہو
(وسائل بخشش مرمم،ص۳۱۵)
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان جي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه تي ربّ تعالٰي جو اهو خاص فضل ۽ احسان هو جو جهڙي طرح حياتِ ظاهري ۾ پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي ڪرامتن، عنايتن، فيض ۽ بَرَڪتن ۽ تَصَرُّفات جو سلسلو جاري ۽ ساري رهيو، اهڙي طرح وِصال کان پوءِ مَزارِ اَنور ۾ وڃڻ کان بعد به سندن عنايتن، ڪرامتن ۽ تَصَرُّفات جو سلسلو بدستور قائم ۽ دائم آهي، ائين ڇو نه هجي جو پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه ته الله عَزَّ وَجَلَّ جا مُقَرَّب ولي بلڪه اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين جا سردار آهن ۽ اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين الله تعالٰي جي عطا سان پنهنجن مَزارن ۾ نه صرف حَيات هوندا آهن بلڪ زائرين کي ڏسندا، سڃاڻيندا، انهن جي هدايت ۽ مدد ڪندا ۽ کوڙ تَصَرُّفات فرمائيندا آهن، جيئن