Ghaus e Pak Ki Karamat

Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

ٿيڻ تي مايوس ٿيا ۽ پنهنجو پاڻ کي هلاڪ ڪرڻ جو ارادو ڪيو پر گڏوگڏ دل ۾ اهو خيال آيو ته پهريان حُضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي روضي پاڪ جي زيارت ڪري فيض حاصل ڪريان، پوءِ هو روضي مبارڪ جي زيارت جي لاءِ آيو ۽ زِيارت جا آداب ادا ڪيائين، حضرت سَيدُنا غوثِ اعظمرَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي قبرِ انور مان ٻاهر تشريف فرما ٿيا ۽ ان جو هٿ (Hand) پڪڙي ان تي تَوَجُّه ڪئي ۽ پنهنجي سلسله عاليه قادِرِيه ۾ داخل ڪري ورتو۔ (تفريح الخاطر،ص۸۲ ملخصاً)

مل گیا مجھ کو غوث کا دامن،فضلِ ربِّ کریم سے روشن

مِری تقدیر کا ستارہ ہے،واہ کیا بات غوثِ اعظم کی

(وسائل بخشش مرمم،ص۵۷۷)

سُلطانِ ولايت            غوثِ پاڪ          فانوسِ هدايت          غوثِ پاڪ

ولين تي حڪومت      غوثِ پاڪ          شهبازخطابت           غوثِ پاڪ

٭مرحبا يا غوثِ پاڪ٭مرحبا يا غوثِ پاڪ٭مرحبا يا غوثِ پاڪ

بيان جو خلاصو    

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ اسان حُضور سَيدُنا غوثِ اعظم دَستگير رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي ڪرامتن جي باري ۾ مختلف دلچسپ واقعا ٻڌڻ جي سعادت حاصِل ڪئي ته

v     اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه  مُسْتَجَابُ الدَّعْوَات هئا۔

v     اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه  باڪرامت ۽ پيدائشي ولي هئا۔

v     اسان جا غوث پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه حُضورصَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنّتن جا پابند هئا۔

v     اسان جا غوث پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه بيمارن جي عيادت ڪندا هئا۔

v     اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجن مريدن جي حاجت پوري ڪندا هئا۔

v     اسان جي غوث پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه  جو مريدن جي حاجت پوري ڪرڻ هينئر به بي مثال آهي

v     اسان جي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي دُعائن سان ماڻهن جي مال ۽ دَولت ۾