Ghaus e Pak Ki Karamat

Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

مجھے ایسا شیدا بنا غوثِ اعظم                            کہ ہو جاؤں تجھ پر فدا غوثِ اعظم

مِرے پیر روشن ضمیر آپ کو تو                         مرے حال کا ہے پتا غوثِ اعظم

(وسائل بخشش مرمم ، ص ۵۵۰) 

 

سُلطانِ ولايت            غوثِ پاڪ          فانوسِ هدايت          غوثِ پاڪ

ولين تي حڪومت      غوثِ پاڪ          شهبازخطابت           غوثِ پاڪ

٭مرحبا يا غوثِ پاڪ٭مرحبا يا غوثِ پاڪ٭مرحبا يا غوثِ پاڪ

8مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”ڪيسٽ بيان/مدني مذاڪرو “

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو ته الله وارن کان ڪجھ لڪيل نٿو رهي ۽ اها به خبر پئي ته اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه ولين جا سردار هئڻ جي باوُجود به ڪيترا محتاط هئا جو شريعت جي حڪم جي پيروي کان هڪ قدم به پويان نه هٽندا هئا، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به پنهنجي هر هر عمل کي شريعت مطابق آراسته ڪريون۔ شريعت جي احڪامن جي ادائيگي جو جذبو وڌائڻ جي لاءِ ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن ۾ مشغول ٿيڻ گھرجي۔ ذيلي حلقي جي 8 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”ڪيسٽ بيان/مدني مذاڪرو“ آهي. هر اسلامي ڀيڻ روزانو انفرادي طور تي يا سڀني گهروارن کي(جن ۾ نامحرم نه هجن) جمع ڪري شيخ طريقت امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  جا سنتن ڀريا بيان ۽ مدني مذاڪرا  وڌيڪ هي ته ”مڪتبة المدينه“ تان جاري ٿيڻ وارا ٻين مبلغن جا سنتن ڀريا بيان ضرور ٻڌو،هفته وار اجتماع ۽ تربيتي حلقي ۾ ماهوار،مدرسة المدينه (بالغات) ۾ هفته وار ۽ جامعةالمدينه ۾ روزانو ”ڪيسٽ اجتماع“ڪريو.(روزانو سنتن ڀريو بيان يا مدني مذاڪري جي ڪم از ڪم هڪ ڪيسٽ بيان/مدني مذاڪرو ٻڌڻ وارن سان امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ تمام گهڻو خوش ٿيندا آهن) الحمدلله عزوجل مدني مذاڪرو به علم دين حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو آهي ۽ علم دين جي فضيلت ۾ ايندو آهي ته حضرت سيدنا ابن عباس رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهما