Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat
جو جنهن خوش نصيب جي لاءِ پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه بَرَڪت (Blessing) جي دُعا ڪندا هئا ته ان جا ڀاڳ کلي پوندا هئا ڇوته پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه مُستَجَابُ الدَّعْوَات هئا يعني سندن رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جون دُعائون تمام گھڻيون قبول ٿينديون هيون، جيئن بيان ڪيل حِڪايت مان معلوم ٿيو ته اوهان رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه حضرت شَيخ اِسماعيل بن علي رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي زمين کي نه صِرف پنهنجي وُجودِ مَسعُود سان سَرفَراز ڪيو بلڪ ان جي لاءِ بَرَڪت جي دعا به ڪئي، سندن رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي مُقَدَّس چَپن مان نڪتل دُعا دَرَجَهءِ قَبُولِيت جي مِعرَاج تائين پهچي وئي، ان ڪري مُختَصَر عَرصي ۾ حضرت سَيدُنا شَيخ علي بن اِسماعيل رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي اَناج جي پيداوار ۾ نه صِرف ٻه (2) کان چار(4) ڀيرا وڌيڪ اِضافو ٿيو بلڪ سندن رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي جانورن جي ايتري قَدَر ڪثرَت ٿي جو ڳڻپ نه پئي ٿي سگهي، معلوم ٿيو! الله وارن جي دُعا ۾ گھڻو اثر هوندو آهي، تنهنڪري جڏهن به الله وارن جي بارگاھ ۾ حاضِري جو شَرَف حاصِل ٿئي ته اسان کي گھرجي ته اسان مَوقعي کي غَنِيمَت سمجھندي اَدَب جو دامَن پڪڙي انهن جي فَيض مان فَيضياب ٿيڻ سان گڏوگڏ انهن کان مال ۽ دَولت ۽ شُهرت ومَنصَب وغيره دُنياوي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جون دُعائون ڪرائڻ بدران ايمان جي سَلامَتي، نيڪين تي اِستِقَامت، گُناهن کان نَجات، بي حِساب مَغفِرت ۽ حَرَمَين شَرِيفَين جي باادَب حاضِري جي دُعائن جي لاءِ عَرض ڪريون۔ الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن کان دُعا ڪرائڻ اسان جي اَسلافِ ڪرام رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين جو مَعْمُول رهيو آهي، جيئن ته حضرت سَيدُنا اَنَس بِن مالِڪ رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا: الله عَزَّ وَجَلَّ نيڪ ماڻهن کان دُعا ڪرائڻ اسان تي لازِم فرمايو آهي ڇاڪاڻ ته اهي رات کي قِيام جي حالت ۾ ۽ ڏينهن کي روزي جي حالت ۾ گذاريندا آهن ۽ فِسق وفُجُور (گُناهن) کان پري رهندا آهن۔ (جامع صغير ، حرف الجيم، حديث: ۳۵۹۰، ص۲۱۹)
تمہارا فَضْل ہے جو میں غُلامِ غَوْث و خَواجہ ہوں
نہ ہو کم اَوْلِیا کی دِل سے اُلفت یا رَسُولَ اللہ
(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۳۳۰)