Ghaus e Pak Ki Karamat

Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

واري سُنّت ادا ڪندا هئا، تنهنڪري اسان کي کپي ته اسان به غَوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي نَقشِ قَدَم تي هلندي مريضن جي عِيادت واري هن سُنّت کي اپنايون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ حديث جي ڪتابن ۾ ڪئي مقامن تي بيمار جي عِيادت ڪرڻ جون عَظِيمُ الشَّان فضيلتون بيان ٿيون آهن۔ اچو! تَرغِيب خاطر ٽي (3) فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو جيئن ته،

(1) مسلمان جڏهن پنهنجي مُسَلمان ڀاءُ جي عِيادت ڪندو آهي ته هو (ان وٽان) موٽي اچڻ تائين جنّت جي باغ ۾ رهندو آهي۔ (مسلم، ڪتاب البرّ والصلة والآداب،باب فضل عيادة المريض،ص ۱۰۶۵، حديث: ۲۵۶۸)

(2) جيڪو مُسَلمان صُبح جي وَقت ڪنهن مُسَلمان جي عِيادت ڪري ته ستّر هزار (70000) ملائڪ ان کي شام تائين دُعائون ڏيندا آهن ۽ جيڪو شام جي وقت عِيادت ڪري ته صُبح تائين ستّر هزار (70000) ملائڪ ان کي دُعائون ڏيندا آهن ۽ ان جي لاءِ جنّت ۾ باغ هوندو۔ (ترمذي، ڪتاب الجنائز عن رسول الله، باب ما جاء في عيادة المريض، ۲/۲۹۰، حديث:۹۷۱)

(3) جيڪو چڱي طرح وُضُو ڪري ۽ ثَواب جي لاءِ پنهنجي مُسَلمان ڀاءُ جي بيمار پُرسي (عيادت) ڪري ته ستّر (70) سال جي مفاصِلي تي دَوزَخ کان پري رکيو ويندو۔(ابوداود،ڪتاب الجنائز،باب في فضل العيادة علي وضوء، ۳/ ۲۴۸، حديث : ۳۰۹۷)

مَشْهور مُفَسِّرِ قُرآن،حڪيمُ الاُمَّت حضر ت مُفتِي اَحمد يار خان نَعِيمِي رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه هن حديثِ پاڪ تَحت فرمائن ٿا: باوُضو عيادت ڪئي وڃي ڇوته عِيادت (لَفظِي ۽ مَعنَوِي اِعتِبار کان) عِبادت آهي ۽ عِبادت باوُضُو بهتر آهي، ۽ عِيادت ۾ دُعا ۽ مَرِيض (Patient) تي ڪجھ پڙھي دَم ڪيو ويندو آهي ۽ باوُضو دُعا ۽ دَم بهتر آهي،ڪجهه ماڻهو باوُضو قُرباني فاتِحَه ۽ اِيصَالِ ثَواب ڪرائيندا آهن، بلڪ يارھين شريف جو کاڌو باوُضو پچائيندا ۽ کائيندا آهن، اها حديث ان جي اَصل آهي۔ (مرآة المناجيح،۲/ ۴۱۶)

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان ته مُسَلمان جي عِيادت ڪرڻ ڪيتري قَدَر زَبَردَست عمل آهي جو مُسَلمان جي عِيادت ڪرڻ وارو واپَس موٽڻ تائين جنّت جي باغ ۾ هوندو آهي، مُسَلمان جي عِيادت ڪرڻ واري کي الله عَزَّوَجَلَّ جا مَعصُوم