Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat
فرمايائون: الله عَزَّوَجَلَّ تنهنجي زمين، تنهنجي دِرهم، تنهنجي صاع (مخصوص پيماني) ۽ تنهنجي (جانوَرن جي) کير ۾ بَرَڪت ڏي۔‘‘
حضرت سَيدُنا شَيخ اِسماعيل بن علي رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: منهنجي زمين ۾ هن سال جي مِقدار کان 2 کان 4 ڀيرا وڌيڪ فَصل پيدا ٿيڻ شُروع ٿيو، هاڻي منهنجو حال هي آهي ته جڏهن مان هڪ دِرهم خَرچ ڪيان ٿو ته ان سان مون وٽ ٻه (2) کان ٽي (3) ڀيرا وڌيڪ مال اچي ويندو آهي ۽ جڏهن مان ڪڻڪ جون سو (100) ٻوريون ڪنهن گھر ۾ رکندو آهيان پوءِ ان مان پنجاھ (50) ٻوريون خَرچ ڪري ڇڏيندو آهيان ۽ باقي کي ڏسندو آهيان ته سو (100) ٻوريون مَوجُود هنديون آهن۔ منهنجا جانور ايتري قَدَر ٻچا ڏيندا آهن جو مان انهن جي ڳڻپ (Counting) وسري ويندو آهيان۔ اهو حال حضرت سَيدُنا شَيخ عَبْدُالقادِر جِيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي بَرَڪت سان اڃا تائين باقِي آهي۔
(بهجةالاسرار، ذکرفصول من ڪلامه۔۔۔الخ، ص۹۱)
بَہار آئے میرے بھی اُجڑے چَمن میں چَلا کوئی ایسی ہَوا غَوْثِ اَعْظَم
رہے شاد و آباد میرا گهرانا کَرم اَزپئے مُصْطَفٰے غَوْثِ اَعْظَم
(وسائلِ بخشش مرمم،ص۵۵۳)
سُلطانِ ولايت غوثِ پاڪ شهبازِخِطابَت غوثِ پاڪ
فانوسِ هِدايت غوثِ پاڪ سلطان ولايت غوثِ پاڪ
٭مرحبا يا غوثِ پاڪ٭مرحبا يا غوثِ پاڪ٭مرحبا يا غوثِ پاڪ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل حِڪايت ۾ کوڙ مَدَني گل موجود آهن، مَثال طور اسان جا غَوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه سُنّت جا پابند هئا جو سندن رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه ٻين سُنَّتن تي عمل ڪرڻ سان گڏوگڏ بيمارن جي عِيادت ڪرڻ