Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

سچ ہے کہ بُرے کام کا انجام بُرا ہے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                         صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

تُوْبُوْاۤ اِلَي الله                                                                                  اَسْتَغْفِرُالله

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن واقعي ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ عبرت ئي عبرت آهي جيڪي پنهنجي اولاد کي آزاد ڇڏي ڏيندا آهن يا ڪنهن ٻي جي سِپُرد ڪندا آهن ته اوهان منهنجي ٻارن ٻچن جو خيال رکجو، انهن کي ڪنهن شيء جي ڪمي ٿيڻ نه ڏيجو ۽ پاڻ ڌن (دولت) ڪمائڻ جي ڌُن ۾ انهن جي تربيت ۽ پرورش تي توجه نٿا ڏين ته پوءِ اهو ئي اَولاد نه صرف دُنيا ۾ انهن جي پريشاني ۽ مصيبت جو سبب بڻجندو آهي بلڪ آخرت ۾ ذِلّت ورُسوائي ۽ جهنم جي حقداري جو باعث بڻجي سگھي ٿو،

بدنصيب پيءُ

 فقيه ابوللَّيث سَمرقندي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نَقل ڪن ٿا: مروي آهي ته مَرد سان تعلُّق رکڻ وارن ۾ پهريان ان جي گھرواري ۽ اُن جو اولاد آهي، اهي سڀ (يعني گھرواري ۽  ٻار قيامت ۾) الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ عرض ڪندا: اي اسان جا رَبّ عَزَّوَجَلَّ! اسان کي هن شخص کان اسان جو حق ڏيار، ڇوته هن ڪڏهن اسان