Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سینہ تری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا

جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

سفر ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب

| ٿي سگهي ته خميس واري ڏينهن کان سفر جي شروعات ڪئي وڃي ڇوته خميس تي سفر جي شروعات ڪرڻ سنّت آهي۔ (اشعة اللمعات ج 5 ص 161) جيئن حضرت سيّدُنا ڪعب بن مالڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان روايت آهي ته نبي ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تَبوڪ جي جنگ جي لاءِ خميس جي ڏينهن روانا ٿيا ۽ پاڻ سڳوراصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خميس جي ڏينهن روانو ٿيڻ کي پسند فرمائيندا هئا۔ (صحيح البخاري ،ڪتاب الجهاد،باب من اراد غزوۃ فَوَرَّي ....الخ،الحديث ۲۹۵۰،ج۲،ص۴۹۶)| جيڪڏهن سهولت هجي ته رات جو سفر ڪيو وڃي ڇوته رات جو سفر جلدي طئي ٿيندو آهي، حضرت سيّدُنا انس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فرمائن ٿا؛ ”سرڪارِ مدينه، سلطانِ باقرينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو؛ ”رات جو سفر ڪندا ڪريو، ڇو ته رات جو زمين ويڙهي ويندي آهي۔“ (سنن ابي داؤد،ڪتاب الجهاد،باب في الدرجة،الحديث ۷۱ ۲۵،ج ۳،ص۴۰) | جيڪڏهن ڪجهه اسلامي ڀائر گڏجي قافلي جي صورت ۾ سفر ڪن ته ڪنهن هڪ کي امير بڻائين۔ حضرت سيّدُنا ابوهريره



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵