Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

الله مون کي ڏسي رهيو آهي.

حضرت سيدُنا سهل بن عبدالله تُستري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا:” منهنجي عمر 3 سال هئي ۽ آئون رات جو اٿي پنهنجي مامي حضرت سَيدُنا محمد بن محمد بن سوّار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي تنهائي ۾ نماز پڙھندي ڏسندو هئس۔ هڪ ڏينهن منهنجي مامي مون کان پڇيو: ”ڇا تون ان الله عَزَّوَجَلَّ کي ياد نٿو ڪرين جنهن تو کي پيدا ڪيو؟“ مون پڇيو: ”مان ان کي ڪهڙي طرح ياد ڪيان؟“ انهن فرمايو:” جڏهن توهان بستر تي ليٽڻ لڳو ته 3 ڀيرا زبان کي حرڪت ڏيڻ بغير محض دل ۾ اهي ڪلما چئو:”اَللهُ مَعِيَ، اَللهُ نَاظِرٌ اِلَيَّ، اَللهُ شَاھِدِيۡ يعني الله عَزَّ وَجَلَّ  مون سان گڏ آهي، الله عَزَّ وَجَلَّ مون کي ڏسي رهيو آهي اللهعَزَّوَجَلَّ منهنجو شاهد آهي  پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرمائن ٿا: ”مون ڪجھ راتيون اهي ڪلمات پڙھيا پوءِ انهن کي ٻڌايو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون: ”هر رات 7 ڀيرا پڙھو۔ “مون انهن کي پڙهيو، پوءِ ٻڌايو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون:” هر رات 11 ڀيرا اهي ڪلمات پڙھو۔“ مون اهڙي طرح پڙھيو، ته مون ان جي لذّت پنهنجي دل ۾ محسوس ڪئي۔ جڏهن هڪ سال گذري ويو ته منهنجي مامي مون کي چيو: ”مون جيڪو ڪجھ تو کي سيکاريو آهي ان کي ياد رکو ۽ قبر ۾ وڃڻ تائين هميشه پڙھندا رهجو، توهان کي دنيا ۽ آخرت ۾ نفعو ڏيندو۔” مون ڪيئي سالن تائين ائين ڪيو ته پنهنجي اندر ان جي لذّت کي محسوس ڪئي۔ پوءِ هڪ ڏينهن منهنجي مامي فرمايو:” اي سهل! اللهعَزَّ وَجَلَّ جنهن شخص سان گڏ هجي، ان کي ڏسندو هجي ۽ ان جو شاهد هجي، ته ٻانهو ان جي نافرماني ڪيئن ڪري سگھي ٿو؟ تنهنڪري پنهنجو پاڻ کي گناھ کان بچايو۔

(الرسالۃالقشيريۃ،ابو محمدسھل بن عبد الله التستري،ص۳۹)