Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

ڳالھ ۾ به اثر ٿيندو ۽ ٻار به فرمانبردار بڻجي ويندا۔  اِنْ شَاۤءَ الله عَزَّوَجَلَّ

ہے فلاح و کامرانی نرمی و آسانی میں

 

ہر بنا کام بِگڑ جاتا ہے نادانی میں

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                  صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

سڀني جي سامهون دڙڪا نه ڏيو

ٻارن جي تربيت ڪرڻ ۾ هڪ اِحتياط اهو به ڪيو ته انهن جي غلطي تي سمجھائڻ وقت سڀني جي سامهون وڏي آواز سان سمجھائڻ، جهڙڪڻ يا ڇڙٻڻ کان بچو ڇو ته ان انداز سان قوي امڪان آهي ته اُنهن جي دِل آزاري به ٿئي ۽ ڳالھ به بي اثر ٿي وڃي ۽ ان طرح سمجھائڻ سان ٻار به ضدي بڻجي سگھي ٿو، تنهنڪري موقعو ملي اڪيلائي ۾ سمجھايو، جيئن ته حضرت سيدنا ابُودرداء رَضِي اللّٰه تَعَالٰي عَنْه فرمائن ٿا ته’’جنهن پنهنجي ڀاءُ کي سڀني جي سامهون نصيحت ڪئي، ان هن کي ذليل ڪري ڇڏيو ۽ جنهن تنهائي ۾ نصيحت ڪئي، ان هن کي مُزين (آراسته) ڪري ڇڏي۔ (شعب الايمان، ٦/١١٢، حديث: ٧٤٤١)

شيخِ طريقت،اميرِاهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه ڪيتري پياري انداز ۾ ڪنهن جي مدني تربيت جو انداز سکائي رهيا آهن، فرمائن ٿا ته:

تُو نرمی کو اپنانا جھگڑے مٹانا
رہے گا سَدا خوشنُما مدنی ماحول