Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

يتيم سان اسان جو ورتاؤ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شيخِ طريقت،اميراهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه والد صاحب جو شفقت ڀريو سايو اٿڻ بعد نه صرف پاڻ نيڪ،نمازي سنتن جا عادي بڻيا بلڪ ماڻهن کي به اهو مدني ذهن عطا فرمايو ته ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ“ پر افسوس جو اڄ اسان جي معاشري ۾ جيڪڏهن ڪو ٻار يتيم ٿي وڃي ته پروا ته پري جي ڳالھ، ان جا پنهنجا ئي ان کان پاسو ڪري وٺندا آهن، پوءِ ان جي تربيت ۽ ڪفالت ڪرڻ وارو ڪو ناهي هوندو، حالانڪ ٿيڻ ته اهو گھرجي جو ان کي سيني سان لڳائي ان جي تي دستِ شفقت ڦيريو وڃي، ان جي بهتر تعليم وپرورش جي ذميداري قبول ڪئي وڃي۔ يادرکو!يتيم ٻارن سان مَحَبَّت ڪرڻ ۽ ان جي ڪفالت ڪرڻ جون وڏيون فضيلتون آهن، اچو هن باري ۾ 3 فرمانِ مصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا:

1.       جڏهن ڪنهن قوم جي دسترخوان تي ڪو يتيم ويهندو آهي ته شيطان ان جي دستر خوان جي ويجھو ناهي ايندو۔

 (مجمع الزوائد ،ڪتاب البر والصلۃ، باب ماجاء في الايتام ولارامل، رقم ۱۳۵۱۲، ج۸، ص ۲۹۴)

2.       الله عَزَّ وَجَلَّ جي ويجھو سڀ کان پسنديده گھر اهو آهي، جتي يتيم جي عزّت ڪئي ويندي هجي۔  (المعجم الڪبير ،رقم ۱۳۴۳۴، ج۱۲، ص ۲۹۶)

3.       جن ٽن(3) يتيمن جي پرورش ڪئي، اهو رات جو قيام ڪرڻ واري، ڏينهن جو روزو رکڻ واري ۽ صبح ۽ شام ،الله عَزَّ وَجَلَّ جي راھ ۾ پنهنجي تلوار کڻڻ واري جيان آهي ۽ مان ۽ اهو جنت ۾ ٻه (2) ڀائرن جيان هونداسين جيئن ته اهي ٻه (2) ڀينرون آهن، ۽ پنهنجي شهادت واري اڱر ۽ وچين آڱر کي ملايو۔ (سنن ابن ماجۃ ، ابواب الادب ، باب حق اليتيم ، الحديث: ۳۶۸۰ ،ج۴، ص۱۹۴)