Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

ٻارن کي گناهن کان بچائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمين بجاه النبي الامين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صدقہ

گُناہوں سے ہر دَم بچا یا اِلٰہی

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص105)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                              صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

نرم لهجي ۾ اصلاح ڪيو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻارن جي مدني تربيت جي حوالي سان هن مدني گل کي به پيشِ نظر رکو ته جيڪڏهن غلطي ٿيڻ تي ان جي اصلاح ڪرڻي هجي ته شفقت ۽ مَحَبَّت سان سمجھايو، ڇوته اجائي سختي به ٻارن کي ضدي بڻائيندي آهي، اسان جي سمجھائڻ جو غلط انداز به ٿي سگھي ٿو ان جي تربيت ۾ رُڪاوٽ جو سبب بڻجي، ائين به ٿيندو هوندو جو خوش اَخلاقي ۽ نرمي صرف دوست احباب جي لاءِ هوندي آهي، کائڻ پيئڻ ۾ به دوستن تي خوب خرچ ڪيو ويندو هوندو، تحفا تحائف به ڏيڻا آهن ته گھر کان ٻاهر، پر گھروارن خاص ڪري اولاد کي سمجھائڻ وَقت ڪجھ ماڻهو انتهائي سخت لهجو اختيار ڪندا آهن ۽ ڪڏهن لهجو ته نرم هوندو آهي پر جملا انتهائي سخت ۽ اهڙا تنقيد ڀريا هوندا آهن جو ٻار سمجھڻ جي بدران بدظن ۽ مزيد ضدي ٿي ويندو آهي۔ تنهنڪري ٻارن کي ڊڄارڻ ڌمڪائڻ مار پِيٽ ڪرڻ جي بدران حڪمتِ عملي ۽ شفقت ۽ مَحَبَّت سان سمجھايو جو ان طرح اسان جي