Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

سڄو گھر سُڌري ويو

فتح جنگ (ضلع اٽڪ پنجاب پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو لُبِّ لباب آهي: دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مان گناهن ڀري زندگي گذاري رهيو هئس، فلمون ڊراما ڏسڻ، آواره گردي ڪرڻ، راند روند ۾ مگن رهڻ منهنجو محبوب مشغلو هو، مَعَاذَ اللّٰه نمازون قضا ڪرڻ جي گناھ عظيم ۾ به مبتلا هئس، منهنجي اصلاح جو سبب ائين بڻيو جو هڪ ڏينهن اسان جي ڳوٺ جي مسجد ۾ هڪ مدني قافلو آيو، عاشقانِ رسول جي آمد سان مسجد ۾ رونق ٿي وئي، درس وبيان ۽ عصر کان بعد علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت جو ايمان افروز سلسلو شروع ٿي ويو، منهنجي خوش قسمتي جو هڪ ڏينهن هڪ اسلامي ڀاء مون وٽ آيو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندي مسجد ۾ نماز ادا ڪرڻ ۽ مدني قافلي وارن سان گڏ مدني حلقي ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني ته مان انهن سان گڏ مسجد ۾ هليو ويس، عاشقانِ رسول وڏي محبت سان ملاقات ڪئي ، پهريون ڀيرو ايتري قدر محبت ۽ پيار ڏسي مان ايتري قدر متاثر ٿيس جو دعوتِ اسلامي وارن جي محبت دل ۾ ويهي رهي ۽ مدني حلقي ۾ علم جا موتي گڏ ڪرڻ لڳس، انهيء دوران جڏهن اميرِقافله مدني انعامات جي رسالي جو تعارف ڪرايو ته مدني انعامات جي رسالي جي صورت ۾ اميرِاهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي اصلاحِ اُمت جي تڙپ ڏسي مون هٿوهٿ بيعت جي لاءِ پنهنجو نالو پيش ڪري ڇڏيو ۽ مريد ٿي ويس۔ هڪ ولي ڪامل سان نسبت جي برڪت سان منهنجي زندگي ۾ مدني بهار اچي وئي ۽ مون اڳوڻين بد عملين کان توبه ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ويس۔ مدني ماحول جي برڪت سان نيڪي جي دعوت جو جذبو مليو ۽ انهيء مقدس جذبي جي تحت مون